اسلام آباد – 30 – جن??ري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سامونڊي ۽ سمنڊ کان ٻاهر تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پا??ستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، پيٽروليم ڪانفرنس پا??ستان جي بي پناهه معدني صلاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته جيئن توانائي ۾ پا??ڀرائپ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ملڪ کي توانائي جي هڪ علائقائي برآمد ڪندڙ ۾ تبديل ڪري سگهجي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پيٽروليم ڪانفرنس 2024ع ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي. چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير ڪانفرنس جو خاص مهمان هو. صوبائي وڏن وزيرن، توانائي واري نگران وفاقي وزير، پيٽروليم واري سيڪريٽري، حڪومتي نمائندن، پاليسي سازن، توانائي ۽ پيٽروليم سيڪٽر جي غيرملڪي ۽ ملڪي س??ڙپ??ارن ۽ عالمي نمائندن پڻ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته پا??ستان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي. هن سامونڊي ۽ سمنڊ کان ٻاهر تيل ۽ گئس جي ذخيرن جي ڳولا جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم انفراسٽرڪچر جي ترقي، لاجسٽڪس ۽ سيڪيورٽي ۾ ڳولا ۽ پيداوار جي ڪوششن کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته هي ڪانفرنس پا??ستان جي بي پناهه معدني صلاحيت کي مڪمل طور تي استعمال ڪرڻ جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي ته جيئن توانائي ۾ پا??ڀرائپ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ملڪ کي توانائي جي هڪ علائقائي برآمد ڪندڙ ۾ تبديل ڪري سگهجي. هن خصوصي س??ڙپ??اري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) ۽ توانائي واري وفاقي وزارت کي قاعدن ۽ ضابطن ۽ طريقيڪار کي هموار ڪري س??ڙپ??ارن جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ کي ساراهيو. ڪويت فارن پيٽروليم ايڪسپلوريشن ڪمپني جي ڪنٽري مئنيجر علي طحيٰ التميمي پاليسي سفارشون جوڙڻ ۽ پيٽروليم جي شعبي ۾ س??ڙپ??اري کي و??ائ?? جي لاءِ ڌرين کي گڏ ڪرڻ ۾ پا??ستان جي حڪومت جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيو.