اسلام آباد – 15 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خميس ڏينهن 8 فيبروري 2024ع تي چونڊن ج?? پنهنجي واعدي ۽ عزم تي قائم آهي، وفاقي ۽ صوبائي نگران حڪومتون ان ذميواري کي ادا ڪرڻ ۾ ا??يڪشن ڪميشن ج?? هر قسم جي انتظامي، مالي ۽ سيڪيورٽي ضرورتون پوريون ڪنديون. اها ڳالهه هن سماجي رابطن ج?? پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چئي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سينيٽ مان منظور ٿيندڙ قرارداد نمبر 562 جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران سينيٽ سيڪريٽريٽ کي لکيل خط به شيئر ڪيو. خط ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ مان منظور ٿيل قرارداد بابت اليڪشن ڪميشن ج?? اجل??س ۾ خيالن ج?? ڏي وٺ ٿي. اجل??س ۾ مشاهدو ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان ج?? مشاورت سان 8 فيبروري 2024ع تي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ تاريخ مقرر ڪئي. اليڪشن ڪميشن امن امان ج?? بحالي لاءِ نگران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي سيڪيورٽي صورتحال بهتر بڻائڻ ۽ 2024ع جون عام چونڊون پرامن انعقاد جي لاءِ ووٽرز کي سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جون هدايتون ڪيون آهن. اليڪشن ڪميشن 2024ع جي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ سمورا ضروري انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. اليڪشن ڪميشن 2024ع جي عام چونڊن بابت عدالت ۾ پنهنجي ڪمٽمينٽ ب?? جمع ڪرائي آهي. اي سي پي چيو آهي ته ماضي ۾ به عام چونڊون ۽ بلدياتي چونڊون سرديءَ جي موسم ۾ ٿينديون رهيون آهن، انهن حقيقتن ج?? روشني ۾ ا??يڪشن ڪميشن ج?? لاءِ ان مرحلي تي 2024ع جي عام چونڊن کي ملتوي ڪرڻ مناسب نه هوندو.