اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊيره اسماعيل خان ۾ 12 ڊسمبر جي دهشتگرد حملي ??ي شهيدن جي پونئ??رن سان ٽيليفونڪ رابط?? ڪيو، شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ وارثن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي حوالدار عمران خان، محمد جميل، محمد شهاب، فضل سب??ان?? دائود شاهه ۽ رياست خان جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نائيڪ مختيار علي، لانس نائيڪ محمد اسحاق، محمد حيات ۽ صغير احمد جي گهرڀاتين سان ٽيليفون تي رابط?? ڪيو. هن سپاهي رحمان شاهه، غلام مرتضيٰ، محمد فياض ۽ امير حسين کي پڻ خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي عدنان، محمد نصير، وقار الله خان، ولي ??ان، ذوالفقار ۽ نبيل اختر کي ملڪ جي لاءِ شهادت ماڻڻ تي سلام پيش ڪيو. صدر دهشتگردن جي حملي ??ي مذمت ڪئي، شهيدن جي خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن قوم پاران شهيدن جي خدمتن کي ساراهيو ۽ انهن جي خاندانن جا ٿورا مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.