اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي غزه ۾ جاري قتل عام ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جي خاتمي لاءِ اسلامي ملڪن پاران ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اٽڪل 45 منٽ تائين ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي غزه سميت والاريل ف??سط??ن ۾ جاري اسرائيلي جارحيت ۽ قبضي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ سنگين صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. صدر ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته عورتن ۽ ٻارن سميت 19 هزار کان وڌيڪ ف??سط??نين جي شهادتن جي باوجود گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جنگبندي لاڳو ڪرائڻ ۽ ناقابل بيان اسرائيلي ظلمن کي روڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي. صدر ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته هڪ آزاد ف??سط??ني رياست جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، تي ٻڌل ف??سط??ن مسئلي جو منصفاڻو حل وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ اهم آهي. صدر ان مقصد جي لاءِ سمورن سفارت?? قدمن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ موجوده صورتحال بابت ايران جي خدشن ۽ قدمن کي ساراهيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي اصولي موقف ۽ ف??سط??ني ڪاز جي حمايت تي پڻ ايراني قيادت کي ساراهيو. صدر 15 ڊسمبر 2023ع تي سيستان – بلوچستان ۾ هڪ ايراني پوليس اسٽيشن تي ٿيندڙ ڪڌي د??شت??رد حملي تي ايران جي حڪومت ۽ ڀائر عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن د??شت??ردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي اقتصادي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي مند – پشين بارڊر سسٽينينس مارڪيٽ پليس ۽ گبد – پولن بجلي جي ٽرانسميشن لائين جي گڏيل افتتاح کي ٺوس اڳڀرائي قرار ڏنو جنهن سان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان ۽ ايران ڀائر اسلامي ملڪ آهن جن جي ثقافت، مذهب ۽ تاريخ هڪ آهي. هن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.