لاهور – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي ادارن تي زور ڏيندي چيو آهي ته اهي فلسطين ۾ اسرائيلي ظلمن جو نوٽيس وٺن، فلسطين ۾ اسرائيل پاران مع??وم ٻار?? کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اسرائيلي ظلم برداشت جوڳا نه آهن، اولهندي مفاد?? کي انساني حقن تي ترجيح نه ٿي ڏئي سگهجي، سعودي عرب مصنوعي ذهانت تي وڏي رقم خرچ ڪري رهيو آهي، سوشل ميڊيا جي طاقت کان ڪير انڪار نه ٿو ڪري سگهي، سوشل ميڊيا جي ذريعي طرح طرح جون جعلي خبرون ڦهلايون وڃن ٿيون، ٽيڪنالاجي جي ڪري مع??شري جي امير ۽ غريب طبقي جي وچ ۾ فرق وڌي ويو آهي. هو لاهور ۾ تحريڪ پاڪستان ورڪرز ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ سالياني 29 هين عطائي گولڊ ميڊل تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي مشاهد حسين سيد، وائيس چيئرمين تحريڪ پاڪستان ٽرسٽ ميان فاروق الطاف، مجيب الرحمان شامي، ڪرنل (ر) محمد سليم ملڪ سميت ٻيا ماڻهو موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جن ماڻهن پاڪستان جي ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو انهن جي لاءِ هي گولڊ ميڊل ڪا خاص حيثيت نٿو رکي پر انهن شخصيتن جو ان ۾ ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي، نظريه پاڪستان جي آفيس ۾ انهن جون تصويرون به لڳل آهن جيڪي پاڪستا?? کي وجود ۾ آڻڻ جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ ڪوشش?? کي استعمال ۾ آندو. هن چيو ته مسلمان?? کي جهڙي طرح 1857ع جي جنگ ۾ شهيد ڪيو ويو ان کانپوءِ سر سيد احمد خان چيو ته مسلمان?? کي گهرجي ته اهي علم حاصل ڪن ته جيئن اهي هر ميدان ۾ اڳتي وڌن ۽ اهڙي قيادت ميسر هجي جيڪا ان قابل هجي ته ان ۾ ڪامياب زندگي گذارڻ جون سوريون خوبيون موجود هجن ۽ اهي علم سان ليس هجن. هن چيو ته سر سيد علي خان چيو هو ته اسا?? کي 20 کان 25 سال گهرجن ته جيئن مسلمان علم حاصل ڪري سائنس ۽ جديد علم جي ميدان ۾ اڳتي وڌن جيئن ته اهڙي طرح سان جيڪي مسلمان اڳتي وڌي قيادت سنڀاليندا اهي مسلمانن جي صحيح رهنمائي ڪري سگهندا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جديد رياست کانسواءِ مسلمان اڳتي نٿا وڌي سگهن، علامه اقبال به ان ڳالهه تي زور ڏنو هو ته مسلمان انگريزي، جديد ۽ سائنسي علم پڻ حاصل ڪن ته جيئن اهي ننڍي کنڊ ۾ رهندڙ باقي قومن جو مقابلو ڪري سگهن. هن چيو ته قائداعظم ڪڏهن به فرقه پرستي تي ڳالهه نه ڪئي پر قائداعظم مسلم اسٽوڊنٽ فيڊريشن جو بنياد ??کي ان جي تربيت ڪئي. هن چيو ته غزه ۾ جهڙي طرح سان مسلمان?? کي شهيد ڪيو پيو وڃي اهو مذمت جوڳو آهي پر افسوس اهو ته يورپ ۽ يو اين او پاران اهڙي طرح جي مذمت نه ڪئي وئي جيڪا ڪرڻ گهرجي ها، غزه ۾ اخلاقيات جو جنازو ڪڍيو ويو آهي ۽ مسلمان?? کي بيدرديءَ سان شهيد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته مسلمان?? کي جيڪڏهن اڳتي وڌڻو آهي ته قرآن ۽ سنت ۽ خلفاءِ راشدين جي قانو?? کي لاڳو ڪري ئي اڳتي وڌي سگهجي ٿو، اسان جي بقاءَ قرآن ۽ سنت تي عمل ڪرڻ ۾ آهي. هن چيو ته حضور پاڪ ﷺ پٺتي پيل طبقي جي مدد ڪئي ۽ انهن انصاف کي ترجيح ڏني، انهن مديني جي رياست کان اڳ ئي انهن سمورين شي?? کي مع??شري ۾ لاڳو ڪيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جهڙي طرح شام جي ٻارن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيون اهي تمام دل ڏکوئيندڙ هيون اهڙي طرح سان غزه ۾ ٻار?? کي شهيد ڪيو ويو آهي جنه?? کي ڏسي دنيا کي ان جي مذمت ڪرڻ گهرجي.