اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سيڪيورٽي فورسز کي ڊيره اسماعيل خان ۾ درازنده، درابن ۽ ڪلاچي کي علائقن ۾ سيڪيورٽي فورسز کي انهن ڪامياب ڪاررواين تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته جيستائين ملڪ مان دهشتگردي جو ??اڙ کان خاتمو نٿو ٿي وڃي ??يس??ائين اسان جي دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري ر??ندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين ۾ 27 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي انهن جي ڪارڪردگي تي ساراهيو. هن چيو ته ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردي جي خاتمي جون تازيون ڪارروايون دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اسان جي پ??تي عزم جو ثبوت آهن، جيستائين ملڪ مان دهشتگردي جو ??اڙ کان خاتمو نٿو ٿي وڃي ??يس??ائين اسان جي دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري ر??ندي. نگران وزيراعظم دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين ۾ شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا پڻ ڪئي.