بشڪيڪ – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني چيو آهي ته پائيدار امن ۽ سلامتي کانسواءِ پائيدار اقتصادي ترقي جي ضمانت نٿي ڏئي سگهجي، افغانستان ۾ استحڪام کي ??قيني بڻائڻ خطي جي امن ۽ استحڪام جي تحفظ جي لاءِ لازمي آهي، پاڪستان ”ش??گه??ئي اسپرٽ“ جي لاءِ پرعزم آهي جنهن جو مقصد گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ گڏيل اعتماد ۽ احترام آهي، ش??گه??ئي اسپرٽ جاگرافيائي، سياسي ۽ جيو اڪنامڪ ميدانن ۾ عظيم تبديلي جي ڏس ۾ اسان جي گڏيل ڪوششن کي سگهه ڏي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪرغزستان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ ش??گه??ئي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ش??گه??ئي تعاون تنظيم (ايس سي او) عالمي آبادي جي 40 سيڪڙو کان وڌيڪ جي گڏيل آواز ۽ امنگن جي نمائندگي ڪري ٿو، ش??گه??ئي تعاون تنظيم جي قائدين جي طور تي اها اسان جي بنيادي ذميواري آهي ته اسان پنهنجي عوام جي پائيدار امن، سلامتي ۽ اقصادي ترقي جي خواهشن کي ??ورو ڪريون. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڪائونسل جي پاڪستان جي سربراهي ۾ اهم ۽ عملي شعبن ۾ تعاون کي ??روغ ڏيڻ کي اولين ترجيح ڏني ويندي جن ۾ ڪنيڪٽيويٽي ۽ ٽرانسپورٽ رابطن کي ??ڌائن، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ، اعليٰ علائقائي صلاحيت رکندڙ اهم شعبن زراعت، کاڻين جي کوٽائي، معدنيات، توانائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ شامل آهي، پاڪستان ان سان گ??وگڏ تعليم ۽ غربت جي خاتمي جي شعبن ۾ تعاون کي ??ضبوط ڪندو رهندو. هن چيو ته ايس سي او يوريشين ڪنيڪٽيويٽي جي ويزن کي اڳئين سط?? تي وٺي وڃڻ جو اهم پليٽ فارم آهي، اقتصادي طور تي ٺوس خطي جي لاءِ اسان جي گڏيل ويزن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اسان جي گڏيل رابطي جي صلاحيتن ۾ سيڙپڪاري تمام ضروري آهي، پاڪستان ان ڏس م علائقائي خوشحالي جي لاءِ ٽرانسپورٽ ڪنيڪٽيويٽي تي هڪ ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ جو ارادو رکي ??و. جليل عباس جيلاني چيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه علائقائي رابطن جي لاءِ هڪ قوت آهي. هن رابطي جي کوٽ کي علائقائي واپار، سيڙپڪاري ۽ ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ قرار ڏيندي چيو ته سي پيڪ نه رڳو پاڪستان کي ??نهنجي پاڙيسري چين سان ڳنڍي ٿو پر ش??گه??ئي تعاون تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن کي اسان جي گڏيل مستقبل ۽ مڪمل علائقائي اقتصاسدي انضمام ۾ سيڙپڪاري جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته ايس سي او بزنس ڪائونسل ۽ ايس سي او انٽر بئنڪ ايسوسيئيشن ايس سي او جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تعاون کي ??روغ ڏيڻ، واپارين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ عوام سان عوام جي رابطي کي ??روغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، ڪائونسل ۽ ايسوسيئيشن سمورن ايس سي او ميمبر ملڪن جي لاءِ گڏيل فائدي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي سهولت پڻ فراهم ڪري سگهي ٿو، پاڪستان انهن مقصدن کي اڳتي وڌائڻ ۽ ش??گه??ئي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي واپارين ۽ صنعتڪارن جي وچ ۾ رابطن کي ??ڌائڻ جي لاءِ ايس سي او بزنس ڪانفرنس جي ميزباني جي تجويز پيش ڪئي آهي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته ڊيجيٽل ۽ انفارميشن جي انقلاب سان عالمي سط?? تي سياسي ۽ اقتصادي تبديلي تيز ٿي آهي، ايندڙ نسلن کي انهن انقلابي رجحانن تي پورو لهڻ جي لاءِ گهربل تربيت ۽ مهارتن سان ليس ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ اسان جي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ اولين اهميت رکندڙ آهي، اڄ جون اسان جون پاليسيون اسان جي خطي جي زبردست انساني صلاحيت کي استعمال ۾ آڻي سگهن ٿيون، پاڪستان ڊيجيٽل معيشت جي ذريعي نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ تي هڪ ڪانفرنس جي ميزباني ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. هن چيو ته اقتصادي ترقي جي مختلف مرحلن کان قطعي نظر سمورن ايس سي او ميمبر ملڪن کي اڃان به غربت ۽ غذائي تحفظ بابت چئلينجز درپيش آهن، اسان گ??يل ڪوششن ۽ هڪ ٻئي جي تجربن مان سکي انهن چئلينجن تي ضابطو آڻي سگهون ٿا. نگران پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي ??قين آهي ته غربت جي خاتمي لاءِ خصوصي ورڪنگ گروپ جي پاڪستان جي مستقل سربراهي ۾ اسان جي ماڻهن جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اسان جي گڏيل ڪوششن کي اهم تحريڪ فراهم ڪري سگهجي ٿي، اسان في الحال غربت جي خاتمي تي خصوصي ورڪنگ گروپ جي افتتاحي سيشن جي ميزباني جي منصوبابندي جي مرحلن ۾ آهيون، جنهن جو ڌيان ايس سي او جي ميمبر ملڪن ۾ سماجي تحفظ جي نيٽ ورڪ کي ??ڌائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز مان فائدو کڻڻ تي مرڪوز آهي. هن چيو ته پائيدار امن ۽ سلامتي کانسواءِ پائيدار اقتصادي ترقي جي ضمانت نه ٿي ڏئي سگهجي، افغانستان ۾ استحڪام کي ??قيني بنائڻ اسان جي خطي جي امن ۽ استحڪام جي تحفظج ي لاءِ لازمي آهي، ش??گه??ئي تعاون تنظيم (ايس سي او) افغان رابطا گروپ ان سلسلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته رابطا گروپ کي بحال ڪرڻ سان ڳالهه ٻولهه کي ??روغ ملي سگهي ٿو ۽ افغان عملدارن کي انهن جي اقتصادي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي صلاحيتن کي ??ڌائڻ ۾ بامعنيٰ مدد ملي سگهي ٿي. نگران پرڏيهي وزير چيو ته موسمياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ تباهي انسانيت جي بقاءَ کي خطري ۾ وجهي رهي آهي، جيڪا عالمي ردعمل جي لاءِ عالمي يڪجهتي جو مطالبو ڪري ٿي، پاڪستان هڪ پائيدار ۽ فطرتي مثبت دنيا جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي جنهن جو اسان پنهنجي ايندڙ نسلن جي لاءِ مقروض آهيون، ايس سي او سڀ کان اهم علائقائي تنظيم طور هنگامي حالتن کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ گهڻ رخي عملي تعاون جو علمبردار بڻجڻ جي لاءِ موزون آهي، پاڪستان ش??گه??ئي تعاون تنظيم جي ان گ??يل فائديمند صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ هنگامي صورتحال تي روڪٿام ۽ ردعمل تي هڪ اجلاس جي ميزباني ڪرڻ جو ارادو رکي ??و. هن چيو ته گذريل 20 سالن ۾ اسان ايس سي او جي ترقياتي تعاون جي ميٽرڪس جي لاءِ هڪ مضبوط بنياد رکيو آهي، ايندڙ چيئر جي طور تي پاڪستان جو مقصد تنظيم کي ??ڌيڪ ايڪشن تي ٻڌل بڻائڻ هوندو، ان هدف جي تعاقب ۾ اسان هڪ مضبوط نفاذ ۽ نگراني جو طريقيڪار جوڙڻ ۾ ايس سي او سيڪريٽريٽ ۽ ميمبر ملڪن جي تعاون ۽ حمايت جي اميد ڪريون ٿا، اهو طريقيڪار سماجي ۽ اقتصادي شعبن جي متنوع صفن ۾ اڳڀرائي جي لاءِ ڪم ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ش??گه??ئي تعاون تنظيم نه ته سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جو فورم آهي ۽ نه ئي ان کي اهو ٻطرفو يا ٽه ڌريي مسئلن کي حل ڪرڻ جو مينڊيٽ حاصل آهي، تڪراري معاملن کي ايس سي او ۾ آڻڻ ايس سي او جي اٽڪل چوٿائي صديءَ جي ڪاميابين کي ??قصان پهچائي سگهي ٿو. ش??گه??ئي تعاون تنظيم کي ??لڪي سياسي نظرين کان پاڪ رکڻ ۽ ان کي ??نهنجي خطي جي گڏيل مستقبل جي لاءِ ڪم ڪرڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي. هن ش??گه??ئي تعاون تنظيم جي مستقل ادارن جي سربراهن، سيڪريٽري جنرل زانگ منگ ۽ ڊائريڪٽر رسلان مرزائيف کي ??بارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ان اهم فورم جي سربراهي کي اعزاز ۽ اعتماد جي ڳالهه سمجهي ٿو، اسان جي چيئر جي مدي دوران اسان جي ڪوشش هوندي ته اسان مستقبل جي حوالي سان اهڙن قدمن کي شامل ڪريون جيڪي ايس سي او خطي جي ترقي کي ??روغ ڏين. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي علائقائي صلاحيتن جو ادراڪ ڪرڻ جي لاءِ سمورن ميمبر ملڪن جي فعال ۽ مثبت شرڪت جو منتظر آهي. نگران پرڏيهي وزير گڏيل چئلينجن کي ??نهن ڏيڻ ۽ ايس سي او خطي جي امن، خوشحالي، استحڪام ۽ رابطي جي هدفن ۽ هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ش??گه??ئي اسپرٽ جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت ۽ عزم جو ورجاءُ ڪيو.