اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪ?? غزه ۾ شهرين جي خلاف وڌندڙ اسرا??يل?? ڏاڍ ۽ جارحيت جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته اهڙي طرح جي مذمت جوڳي ڪاررواين کي ڪڏهن به معاف يا نظرانداز نٿو سگهجي، فلس??ين?? عوام جي قتل عام کي بند ڪرائڻ جي لاءِ دنيا کي هاڻي عملي قدم کڻڻ گهرجن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن جباليه ڪئمپ تي فضائي حملو غزه ۾ جاري اسرا??يل?? ڏاڍ ۽ جنگي ڏوهن جو واضح مثال آهي جتي عورتن ۽ ٻارن سميت سوين ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. هن چيو ته اهڙي طرح جي مذمت جوڳي ڪاررواين کي ڪڏهن به معاف يا نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، ان قتل عام کي بند ڪرائڻ جي لاءِ دنيا کي هاڻي عمل ڪرڻ گهرجي.