راولپنڊي- 07 سيپٽمبر (اي پي پي) آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير نشانِ امتياز (ملٽري) جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ 259هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس منعقد ٿيو. ڪانفرنس هر قسم جي سڌيءَ ريت توڙي اڻ سڌيءَ ريت خطرن خلاف پاڪستا?? جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي عزم کي ورجايو. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادار?? جي آفيسرن، جوانن ۽ سول سوسائٽي جي شهيدن جن ملڪ جي حفاظت، سلامتي ۽ وقار لاءِ پنهنجون جانيون ڏنيون. انه?? جي عظيم قربانين تي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ ??اري شعبي آءِ ايس پي آر مطابق ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته رياست پاڪستان ۽ هٿياربند فوج شهيدن ۽ انه?? جي ڪٽنبن کي هميشه احترام جي نگاهه سان ڏسي ٿي. ڪانفرنس ۾ شهيد?? جي روحن کي ثواب پهچائڻ لاءِ قرآن خواني به ڪئي وئي. 6 سيپٽمبر تي ملڪ ۾ يومِ دفاع ڀرپور طريقي سان ملهائڻ تي پاڪ فوج پنهنجي قابل فخر قوم جو ٿورو مڃيو. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن هر قسم جي سڌيءَ ريت توڙي اڻ سڌيءَ ريت خطرن خلاف پاڪستا?? جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جي عزم کي ورجايو. فورم هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته رياستي ادارن ۽ عوام وچ ۾ وڇوٽي پيدا ڪرڻ لاءِ مڪروه پروپيگنڊا ڪندڙن کي مايوسيءَ کان سواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو ۽ ا?? جي نتيجي ۾ اهڙيون ڌُريون وڌيڪ رسوائيءَ جو شڪار ٿينديون انشاءَ الله. ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو ته دهشتگرد جيڪي پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن انه?? جي سهولت ڪارن ۽ انه?? جي حوصله افزائي ڪندڙ ڌُرين خلاف رياست مڪمل طاقت سان مُنهن ڏيندي. ڪانفرنس دوران ضم ٿيل ضلعن ۽ بلوچستا?? جي بارڊر وارن ضلعن ۾ پائيدار ام?? جي ترقيءَ تي پڻ زور ڀريو ويو. ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي قومي سلامتي کي درپيش چئلينجز ۽ وڌندڙ خطر?? جي جواب ۾ پنهنجي حڪمت عمليءَ جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف آپريشنز دوران پيشوراڻي مهارت جي معيار کي برقرار رکڻ ۽ فارميشنز جي تربيت دوران بهترين ڪارڪردگي جي حاصلات تي زور ڀريو. هن پنهنجي فوجي?? جي فلاح بهبود ۽ حوصلي کي برقرار رکڻ ۽ مسلسل توجهه ڏيڻ تي ڪمانڊرز جي تعريف ڪئي جيڪي فوج جي آپريشنل تياريءَ جو بنياد آهن. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ ان ڳالهه جو پڻ عزم ورجايو ويو ??ه ملڪ ۾ معاشي سرگرميو?? جيڪي هن وقت خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي نگرانيءَ ??يٺ جاري آهن، ا?? جي مڪمل حمايت ڪئي ويندي ۽ اهڙيون سرگرميو?? جيڪي معيشت کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون انه?? جي خاتمي لاءِ حڪومت جي مڪمل معاونت ڪئي ويندي.