راولپنڊي -30 جولاءِ (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي، ته گذريل دور ۾ پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان کي نيلام ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون، هي ادارا صرف عمارتون نه پر اسان جو قومي اثاثو آهن. نيشنل براڊ ڪاسٽرز سڄي دنيا ۾ اسان جي سڃاڻپ هوندا آهن، اسان جو مقصد قومي ادارن کي پاڪستان جي سڃاڻپ لاءِ استعمال ڪرڻ آهي. ريڊيو پاڪستان جي تاريخ م پهريون ڀيرو 1000 ??لو واٽ ڊجيٽل ڊي آر ايم ميڊيم ويو ٽرانسميٽر کي لڳائڻ سان 52 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ريڊيو جي نشريات پهچي سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي جي علائقي روات ۾ ريڊيو پاڪستان جي 1000 ??لو واٽ ڊجيٽل ڊي آر ايم ميڊيم ويو ٽرانسميٽر جي پيڙهه جو پٿر رکڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، ڊي جي ريڊيو پاڪستان طاهر حسن سميت ٻيا به موجود هئا. وفاقي و??ير چيو ته پهريون ڀيرو 1000 ??لو واٽ ڊجيٽل ڊي آر ايم ميڊيم ويو ٽرانسيمٽر لڳايو پيو وڃي، جيڪو ريڊيو پاڪستان جي تاريخ م اهم سنگ ميل آهي. هي ٽيڪنالاجي سڄي دنيا ۾ استعمال ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان 1947ع کان اينالاگ ۽ شارٽ ويو جي ٽيڪنالاجي استعمال ڪري رهيو هو. ان جا ڪيترائي ٽرانسميٽرز پنهنجو طبعي مدو پورو ڪري چڪا هئا. ريڊيو پاڪستان کي ڊجيٽل آر ايم ميڊيم ويو ٽرانسميٽر جي سخت ضرورت هئي، ان ٽيڪنالاجي جي فراهمي تي و??يراعظم شهباز شريف، وفاقي و??ير اسحاق ڊار ۽ احسن اقبال جو شڪريو ادا ڪيان ٿي، وزيراعظم جي خاص هدايت تي ريڊيو پاڪستان کي جديد ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان جي ٽرانسميشن هاڻي 52 کان وڌيڪ ملڪن ۾ ڊجيٽل ميڊيم ويو ذريعي پهچي سگهندي. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان جي ميڊيم ويو جي 20 ٽرانسميٽرن مان 14 ٽرانسميٽر پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري چڪا هئا، جنهن سبب پاڪستان جو حصو، ثقافت، نيوز ڪانٽينٽ پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن تائين نه پئي پهچي سگهي. هن چيو ته ان ٽيڪنالاجي تي منتقلي سان بجلي جي استعمال ۾ به 30 کان 40 سيڪڙو بچت ٿيندي ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڪارڪردگي ۾ به اضافو ٿيندو. هن چيو ته پشاور ۾ 9 مئي تي ريڊيو پاڪستان جي آرڪائيو، چاغي اسٽوڊيو ۽ ريڊيو جي عمارت کي باهه لڳائي و??ي. اهڙي طرح 2014ع ۾ به هڪ گروهه پي ٽي وي تي حملو ڪيو، گذريل دور ۾ پي ٽي وي ۽ ريديو پاڪستان کي نيلام ڪرڻ جا نعرا لڳايا ويا. هي صرف عمارتون نه پر اسان جو قومي اثاثو آهن. هن چيو ته اسان نه صرف ريڊيو پاڪستان پشاور جي بحالي جي منصوبي جي شروعات ڪئي، پر ريديو پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي اپگريڊيشن جي به شروعات ڪئي. اسان پي ٽي وي فليڪس جي به شروعات ڪئي جنهن اندر پي ٽي وي جي سڀني آرڪائيو کي ڊجيٽل ڪيو ويو آهي. اهڙي ريت ريڊيو پاڪستان جون سڀئي نيشنل آرڪائيوز به ڊجيٽل ٿي ويون آهن. وزيراعظم شهباز شريف جلد باضابطا طور تي انهن جو افتتاح ڪندو. وفاقي و??ير سڌ سماءَ واري وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڊي جي طاهر حسن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته ادارا دل سان ڪم ڪندا ته انهن سان واڳيل ملازمن جا مسئلا به حل ٿي سگهندا. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن جي مسئلن تي اطلاعات واري و??ارت ناڻي و??ارت سان گڏجي هڪ نظام جوڙيو آهي، هن چيو ته اسان روات ۾ ميڊيا سٽي جي شروعات ڪنداسين، اسان جو ويزن ۽ مشن آهي ته روزگار وڌي، ريڊيو پاڪستان سان واڳيل ملازمن جا حالات بهتر ٿين. ريڊيو جي ٽرانسميشن بهتر ٿئي ۽ دنيا جي ٻين ملڪن وانگر ريڊيو پاڪستان کي جديد ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪري سگهجي، اهو ئي و??يراعظم شهباز شريف جو ويزن آهي. هن چيو ته خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل قائم ڪئي و??ي آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان جي ادارن ۽ نوجوانن جي ترقي ۽ مختلف شعبن اندر سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ آهي. هي اهو ويزن آهي جنهن جي ذريعي اسان قرضن مان ڇوٽڪارو ۽ معاشي استحڪام حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته 2016ع م نواز شريف جي دور م اسان آءِ ايم ايف کي خداحافظ چئي ڇڏيو هو، ملڪ معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو هو، اسان آءِ ٽي جي استعمال سان ملڪ کي معاشي استحڪام طرف وٺي وڃي سگهون ٿا. هن چيو ته الحمدلله اڄ ريڊيو پاڪستان کي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جديد ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪيو پيو وڃي، اسان جو مقصد ادارن کي پاڪستان جي سڃاڻپ لاءِ استعمال ڪرڻ آهي. مان سڀني و??ارتن جي شڪر گذار آهيان جن هن منصوبي ۾ پنهنجو حصو وڌو. هن چيو ته اسان سڌ سماءَ واري و??ارت جي ٻين ادارن کي به ڊجيٽل ڪيو آهي. اڄ جنهن تي پريس ڪانفرنس ڪري رهي آهيان، هن جڳهه کي پنجن سالن کان پوءِ ريڊيو پاڪستان پنهنجي فني مهارت ذريعي بحال ڪيو آهي، جنهن تي ريڊيو پاڪستان جي سمورن ملازمن ۽ انتظ??مي?? کي مبارڪون ڏيان ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي و??ير چيو ته وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مشاورت سان نگران سيٽ اپ جو اعلان ڪيو ويندو. پارلي??مي??ٽ کي ختم ڪرڻ جو فيصلو به اتحادي حڪومت ۽ وزيراعظم ڪندو. نگران وزيراعظم جي حوالي سان جيڪو به نالو هوندو اهو سامهون اچي ويندو.