اسلام آ??اد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪيپٽن راجا محمد سرور شهيد (نشان حيدر) جي شهادت جي ڏهاڙي تي سندس پوٽي سان ٽيليفون تي رابطو ڪ??و ۽ پاڪستان جو پهريون نشان حيدر ماڻيندڙ ڪيپٽن سرور شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر ??ي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ??هيد جي پوٽي راجا عديل سرور سان ڳالهه ٻولهه ڪندي شهيد جي وطن جي لاءِ خدمتن ۽ ملڪ ج?? دفاع خاطر عظيم قرباني پيش ڪرڻ تي سلام پيش ڪيو. هن شهيد جي خاندان کي به بهادر فرزند قوم جي لاءِ پيش ڪرڻ تي سلام پيش ڪ??و ۽ شهيد جي بهادري، فرض سان محبت ۽ وطن جي جان ڏيڻ جي جذبي کي ساراهيو. صدر قوم ۽ پنهنجي پاران شهيد جي خاندان جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته قوم جا شهيد قوم جا محسن آهن، ق??م سدائين انهن جي ٿورائتي رهندي. ان موقعي تي صدر ??هيد جي لاءِ بلند درجن ۽ مغفرت جي دعا ڪئي.