اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان جي عورت جبل چاڙهو نائله ڪياني کي جبل چاڙهو جي ميد??ن ۾ نئين تاريخ قائم ڪرڻ تي مب??رڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ق??م کي نائله ڪياني تي فخر آهي ج??هن پاڪست??ن ۾ موجود سمورن 5 ايٽ ٿائوزنڊرز (8 هزار ميٽر کان بلند چوٽيون) سر ڪري ورتيون آهن، هوءَ اهو ڪارنامو سرانجام ڏيندڙ پهرين پاڪستاني عورت آهي. صدر نائله ڪياني کي سندس ڪاميابي تي شاباس ڏني ۽ ان جي مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.