اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٽوڪيو ۾ پنهنجي جاپاني هم منصب شيگيو ياماڊا سان مُلاقات ڪري ٻطرفي سياسي مشاورت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان جاپان لاڳاپ?? جي سمورن رخن جو جائزو ورتو ۽ پراڻي مضبوط لاڳاپ?? جي تحفظ ۽ فروغ جي لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏڻ تي اتفاق ڪيو. ڳالهه ٻولهه دوران ??هم علائقائي ۽ عالمي معا??لن تي پڻ خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي سيڪريٽري جاپا?? جي پرڏيهي معا??لن واري مملڪتي وزير تاڪي شونسوڪ ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار تاڪيو اڪيبا سان پڻ ملاقات ڪئي. هن جاپان – پاڪستان ايسوسيئيش?? جي صدر شون اميزومي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. جاپاني عهديدارن پرڏيهي سيڪريٽري سان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستا?? جي عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جاپان هن سال جولاءِ جي پ??ري?? هفتي ۾ پاڪستا?? جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دوري جو منتظر آهي.