مڪو شريف- 28 جون (اي پي پي) مڪه روٽ ق??من تحت هلندڙ سال حج لاءِ 7 ملڪن جي 2 لک 42 هزار 272 کان وڌيڪ حج پانڌيئڙن کي اسان سفري سه??لتون فراهم ڪيون ويون. حج پانڌيئڙا ان سه??لت ذريعي جده جي ڪنگ عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ مديني منوره جي شهزاده محمد بن عبدالعزيز انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي 667 اڏام?? ذريعي پهتا. پاڪستان، مراڪش، انڊونيشيا، ملائيشا، بنگلاديش، ترڪي ۽ پهريون ڀيرو ڪوٽڊي آئيوري سميت مختلف ملڪن کان سعودي عرب آيل سمورن حج پانڌيئڙن جي ڪامياب آمد کانپوءِ ان قدم تحت هلندڙ سال لاءِ مينڊيٽ مڪمل ڪيو ويو آهي. ان قدم ذريعي اليڪٽرانڪ ويزا جاري ڪرڻ، بايوميٽرڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ، روانگي وقت هوائي ??ڏي تي سفر بابت سمورن طريق??ڪا?? کي اڪلائڻ ۽ سامان جي تيزي سان ڪليئرنس کي يقيني بڻايو ويو آهي. سعودي پريس ايجنسي موجب سعودي عرب پهچڻ تي حج پانڌيئڙن کي بس?? ذريعي مڪي شريف ۽ مديني شريف ۾ سندن رهائشگاهن تائين سڌو سنئون پهچايو ويو.