اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم جي آمريڪا جي دوري ک?? اسلام آباد ٻن خودمختيار ملڪن جي ??اڳ??پن کي سـٺي نظر سان ئي ڏسڻ چا??يندو پر ??نيا کي به اهو ڏسڻو پوندو ته اسان جي پاڙيسري جي ڪري تڪرار حل نه پر وڌيڪ ٿي رهيا آهن. آمريڪي نشرياتي اداري سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڀارت 2019ع ۾ پاڪستان جي خلاف ويڙهاڪ جهازن جي ذريعي جارحيت ڪئي. حنا رباني کر چيو ته ريجنل سيڪيورٽي جي حوالي سان ڀارت پاران جيڪو موقف اختيار ڪيو پيو وڃي دنيا کي ان ڳالهه جو جائزو وٺڻ گهرجي ته خطي تي ان جا ڪهڙا اثر پئجي رهيا آهن. هن چيو ته ان سان خطي ۾ تڪرار حل ٿيڻ بدران تڪرار موجود رهندا جيڪو خطي جي لاءِ سٺو نه ٿو ٿي سگهي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته اسان چا??يون ٿا ته ڪا به شيءَ خطي ۽ پاڪستان جي لاءِ غلط نه هجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ڏهاڪن تائين پاڪستان جا اولهه دنيا سان ويجها رابطا رهيا آهن، آمريڪا ۽ يورپ سان گڏوگڏ پاڪستان جا چين سان به اسٽريٽجڪ ??اڳ??پا رهيا آهن، اسان ٻنهي سان ??اڳ??پن کي قائم رکڻ چا??يون ٿا. هن چيو ته اسان کي پناهگيرن جي مسئلن ۽ موسمياتي تبديلي جي مسئلن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. حنا رباني کر چيو ته يورپي يونين سان رڳو جي ايس پي پلس اسان جي ??اڳ??پن کي ظاهر نه ٿو ڪري، يورپي يونين سان اسان جا سمورين سطحن تي ??اڳ??پا وسيع بنياد تي قائم آهن. هن چيو ته يورپي يونين جو به پاڪستان سان واپار وڌيو آهي، يورپي يونين جي ڪيترن ئي ملڪن کي هنرمند افرادي قوت جي ضرورت آهي، انهن کي قانوني مائيگريشن جي لاءِ رستن کي ک??لڻ گهرجي، غيرقانوني مائيگريشن تي پاڪستان کي به اعتراض آهي.