اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي بلوچستان جي ترقي سان مشروط آهي، حڪومت بلوچستان ۾ سي پيڪ جي ترقياتي منصوبن تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، بلوچستان جو اصل اثاثو باصلاحيت بلوچ نوجوان آهن، حڪومت بلوچستان جي نوجوانن کي اعليٰ تعليم، پيشيواراڻي تربيت ۽ ليپ ٽاپس فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جعفر خان مندوخي?? جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) بلوچستان جي 8 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ جمال شاهه ڪاڪڙ، سردار يعقوب ناصر، آغا شاهه زيب دراني، عامر افضل مندوخيل، چوڌري نعيم، نصير اچڪزئي ۽ ظهير خان ڪاڪڙ شامل هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وفد ايندڙ مالي سا?? جي بجيٽ ۾ بلوچستان جي لاءِ خصوصي منصوبا شامل ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.