اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ??ي پي) تحت نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي جي 68 جاري، 51 نئين ۽ بلٽ، آپريٽ اينڊ ٽرانسفر جي 3 اسڪيمن سميت سمورن منصوبن جي لاءِ مجموعي طور تي 157860.390 ملين رپيا رکيا آهن. ڪالهه جمعي ڏينهن جاري پي ايس ??ي پي جي دستاويز موجب نيشنل هاءِ ويز اٿارٽي جي 68 جاري منصوبن جي لاءِ 103375.614 ملين رپيا رکي?? ويا آهن. آپريٽ اينڊ ٽرانسفر جي ٽن منصوبن جي لاءِ 10000 ملين رپيا رکي?? ويا آهن. اهڙي طرح 51 نئين منصوبن جي لاءِ 44124.386 ملين رپيا رکي?? ويا آهن. دستاويز موجب جاري منصوبن ۾ ڪاريڪ لنگهه ترقياتي پروگرام سيڙڪاري (ايشيائي ترقياتي بئنڪ) جي پيٽارو – سيوهڻ حصو (128) ڪلوم??ٽر منصوبن، پشاور – دره آدم خيل (36 ڪلوم??ٽر)، شڪارپور – رتوديرو (44 ڪلوم??ٽر) جي لاءِ 2500 ملين رپيا رکي?? ويا آهن. شڪارپور – راجن پور اين 55 ڪاريڪ لنگهه جي اضافي ڪيرج وي جي تعمير جي منصوبي لاءِ 3500 ملين رپيا رکي?? ويا آهن. حيدرآباد – سکر موٽروي ايم 6 جي تعمير، سيالڪوٽ (سمبڙيال) کاريان موٽروي 69 ڪلوم??ٽر جا منصوبا شامل آهن.