اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آئين جي پاسداري ۽ احترام جي لاءِ سمورن ادارن ۽ پوري قوم کي هڪ ٿيڻو پوندو، آئين پارليامينٽ جي هنج ۾ جنم ورتو، عدليه آئين جي تشريح ڪري سگهي ٿي پر ”ري رائٽ“ نه ٿي ڪري سگهي، دنيا ۾ ڪٿي ڪو اهڙو مثال نه آهي ته پارليامينٽ جو قانون جڏهن اڃا اهو وجود ۾ به نه آيو هجي، تي عدالت منع نامو جاري ڪري ڇڏي، اسان ??نشاءَ الله پنهنجي سياسي اثاثي کي رياست بچائڻ جي لاءِ قربان ڪرڻ ۾ هڪ لمحي جي لاءِ به نه ڪيٻائينداسين. هو پاڪستان ??ي 1973ع جي آئين جي موبائيل ايپ جي اجراءَ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پڻ موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آئين جي ڊيجيٽل ايپ تي دستياب هجڻ سان ??اگرد، شاگردياڻيون ۽ ڪروڙين پاڪستاني آئين جي منشا ۽ پاڪستان ??ي آئين جي بنيادي اساس مان فائدو کڻي سگهندا. هن چيو ته هي حسن اتفاق آهي ته مون 12 آڪٽوبر 1999ع تي پي ٽي آءِ جي هن بلڊنگ گذايو جڏهن هڪ غيرآئيني قدم کنيو ويو هو ۽ اڄ الحمدالله آئين جي احترام ۽ آئين جي شقن کي هر خاص ۽ عام تائين پهچائڻ جي لاءِ ٻيهر هن عمارت ۾ موجود آهيان. هن آئين جي بانين جن ۾ اڳوڻو وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو، مفتي محمود مرحوم، مولانا شاهه احمد نوراني مرحوم، خان ??بدالولي خان ??هڙيون قدآور شخصيتون هيون جيڪي پنهنجي سياسي سوچ موجب پنهنجي پارٽين جي قيادت ڪري رهيا هئا پر پاڪستان ??ي آئين لاءِ انهن پنهنجا سمورا اختلاف وساريندي هن آئين کي تخليق ڪيو ۽ اهڙي طرح رهندڙ دنيا تائين انهن جو نا??و سدائين سنهري لفظن ۾ رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ??ه اڄ ٻيهر آئين جي پاسداري ۽ احترام جي لاءِ سمورن ادارن ۽ پوري قوم کي گڏ ٿيڻو پوندو، آئين پارليامينٽ جي هنج مان ??نم ورتو، آئين جي تشريح عدليه ڪري سگهي ٿي اهو ??ن جو اختيار آهي پر عدليه آئين کي ”ري رائٽ“ نه ٿي ڪري سگهي، اهو ??ڳو پارليامينٽ جو اختيار آهي ۽ اهو ??ڳو پاڪستان ۾ نه پر سڄي دنيا ۾ مڃيل اصول آهي. وزيراعظم چيو ??ه اڄ پاڪستان هڪ ٻه واٽي تي بيٺل آهي، مون سميت اسان ??ياستدانن کان ??ي شمار غلطيون ٿيون ۽ وڏا ماڻهو ??هي ئي هوندا آهن جيڪي پنهنجي غلطين مان ??بق سکي اڳتي وڌن ٿا ۽ قوم جي اعليٰ ۽ وڏن مقصدن جي لاءِ پنهنجي ذات کي قومي مفادن جي تابع ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته يقينن اسان ??بق سکيو آهي ۽ انشاءَ الله اسان پاڪستان ??ي مشڪل ترين حالتن کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ رهنداسين، آئون بنا ڪنهن پاڻ وڻائڻ جي اهو چوڻ چاهيان ٿو ??ه اسان کي تمام گهڻين مشڪلاتن حالتن ۾ هي اقتدار مليو ۽ بنا ڪنهن سياسي ڳالهه ٻولهه ۾ وڃڻ جي آئون اهو چوڻ چاهيان ٿو ??ه اسان ??ن ڳالهه تي پوري طرح هڪ آهيون ??ه اسان ??نشاءَ الله پنهنجي سياسي اثاثي کي رياست کي بچائڻ جي لاءِ قربان ڪرڻ ۾ قطعي طور هڪ لمحي جي لاءِ به نه ڪيٻائينداسين ۽ اهڙي طريقي سان ??ئون هتي اهو چوڻ چاهيان ٿو ته جتي اسان کي پنهنجي غلطين جو ادراڪ ٿيڻ گهرجي اتي اسان کي اهو چوڻ ۾ به ڪا هٻڪ نه ٿيڻ گهرجي ته جيڪڏهن پارليامينٽ ڪو قانون ٺاهي ٿي ته دنيا ۾ ڪٿي ڪو اهڙو مثال نه آهي ته پارليامينٽ جي قانون کي جڏهن اڃا اهو وجود ۾ به نه آيو هجي، عملي شڪل به اختيار نه ڪئي هجي ته عدالت ان ??ي منع نامو جاري ڪري ڇڏي، ائين ڪڏهن ناهي ٿيو، اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ۽ ان ??ي پارليامينٽ پنهنجو آئيني ۽ قانوني حق استعمال ڪندي، اهڙي طريقي سان ??ئين جي اعليٰ عدليه سدائين تشريح ڪئي آهي، اهو ??ن جو حق آهي ۽ اهو ٿيندو رهيو آهي پر ڪڏهن آئين کي ”ري رائٽ“ نه ڪيو ويو، ڊڪٽيٽرز آئين کي ٽوڙيو آهي، ان ??و هڪ نه ڪيترائي مثال آهن پر اسان، عدليه، اعليٰ عدليه، بئنچ ۽ بار مان ??ميد ڪريون ٿا ??ه اهي آئين ۽ قانون جو تحفظ ڪندا. وزيراعظم چيو ??ه اسان ??و آئين نصاب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو موجوده دور جو بهترين فيصلو آهي، اسڪولن ۾ پرائمري ۽ اعليٰ درجن ۾ يونيورسٽي جي سطح تي آئين جي نصاب جو حصو بڻجڻ سان ??ئين ۽ قانون پاڪستان ??ي ٻار ٻار کي ياد ٿي ويندو جنهن سان قانون جي حڪمراني ۾ مدد ملندي. وزيراعظم اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پاڪستان ??ي پارليامينٽ ۽ نادرا جي عملدارن جا ٿورا مڃيندي چيو ته پاڪستان ??ي آئين جي 50 هين سالگرهه جي موقعي تي جيڪي قدم کنيا ويا اهي ساراهه جوڳا آهن. وزيراعظم ان ??ميد جو اظهار ڪيو ??ه اسان ??ي نوجوان نسل آئين جي ان ڪتاب جو چڱي طرح مطالعو ڪندي، ان کي ياد ڪندي ۽ ان ??ي تعليمي ادارن ۾ بحث ٿيندو جنهن سان قانون ۽ آئين جي حڪمراني قائم ٿيندي. وزيراعظم چيو ته آئون اڄ هتي آئين جي پاسداري ۽ استحڪام جي لاءِ آيو آهيان، 12 آڪٽوبر 1999ع تي جڏهن آئون هتان گذريو هئس ??ه اها هڪ اونداهي رات هئي. هن دعا ڪئي ??ه الله تعاليٰ پاڪستان کي سدائين آباد رکي.