ڪراچي – 17 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ??ٽو زرداري زوب ۾ شهرين جي گاڏين تي حملي جي مذمت ڪندي واقعي ۾ معصوم شهرين جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جا??ي بيان موجب بلاول ??ٽو زرداري متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ درندگي ??هي?? ڏوهارين کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻينداسين. بلاول ??ٽو زرداري چيو ته حڪومت شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ جي حوالي سان پنهنجي ذميوارين کان واقف آهي ۽ انهن جي پاسداري جي لاءِ پرعزم آهي.