اسلام آباد – 09 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي تنوير احمد شهيد جي والد کي ٽيليفون ڪري ساڻس ??عزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سپاهي تنوير احمد 5 فيبروري تي موسيٰ چيڪ پوسٽ ڪوئيٽا ۾ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيو هو. صدر شهيد ۽ ان جي خاندان جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيندي خدمتن ۽ قوم جي لاءِ جان جو ن??را??و پيش ڪرڻ تي شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر فرض جي ادائيگي ۾ شهادت ماڻڻ، وطن جي لاءِ قرباني تي شهيد کي سلام پيش ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيد جي پو??ئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ۽ وطن جي خاطر قرباني ڏيڻ تي قوم پاران ٿورا مڃيا. صدر شهيد جي بلند درجن ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.