اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري تاشقند ۾ تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين محردين سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي م??اب?? ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ اعلي سطح جي رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ موجوده بهترين ٻه طرفا لاڳاپن ۽ خاص طور تي واپار، توانائي ۽ علاقائي رابطن ۾ اقتصادي تعاون ??ي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.