اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ??اڪ??تان ۾ ڪوويڊ 19 جي صورتحال ضابطي ۾ آهي، 5 کان 12 سالن جي ٻارن جي 100 سيڪڙو ويڪسي نيشن کي هنگامي بنيادن تي يقيني بنائڻ ۽ ??اڪ??تان جي سرحدن ۽ هوائي اڏن تي اچ وڃ تي اسڪريننگ کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي صورتحال تي جائزه ا??لا?? کي خطاب ڪندي ڪيو. ا??لا?? کي خطي سميت پوري دنيا ۽ ??اڪ??تان ۾ هن وقت ڪوويڊ 19 جي صورتحال، ڪورونا وائرس جي نئين قسم، ان جي روڪٿام جي لاءِ کنيل قدمن ۽ ويڪسي نيشن جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ??اڪ??تان ۾ ڪوويڊ 19 جي صورتحال ضابطي ۾ آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته 5 کان 12 سالن جي ٻارن جي 100 سيڪڙو ويڪسي نيشن کي هنگامي بنيادن تي يقيني ۽ ??اڪ??تان جي سرحدن ۽ هوائي اڏن تي اچ وڃ تي اسڪريننگ کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. سرحدن ۽ هوائي اڏن تي اسڪريننگ جي نظام جي ٿرڊ پارٽي ڇنڊڇاڻ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته ??اڪ??تان ۾ گذريل 15 هفتن ۾ ڪوويڊ 19 سان هڪ به فوتگي نه ٿيڻ خوش آئنده ڳالهه آهي. مون ??ميت پوري قوم ويڪسين عطيو ڪندڙ ملڪن جي ٿورائتي آهي. ڪوويڊ 19 انفيڪشن جي گهٽ شرح خوش آئنده آهي ??ر اسان کي هر وقت تيار رهڻو پوندو. ڪوويڊ 19 جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻندڙ سمورن عهديدارن ۽ اين سي او سي جون ڪوششون ??اراهه جوڳيون ??هن. ا??لا?? کي ٻڌايو ويو ته ڪوويڊ 19 جي نئين قسم سان ??اڪ??تان کي ظاهري طور ڪو خطرو نه آهي ڇو ته ??اڪ??تان جي 90 سيڪڙو آبادي مڪمل طور تي ۽ 95 سيڪڙو آبادي جزوي طور تي ويڪسينيٽيڊ آهي. 5 کان 12 سالن جي ٽن ڪروڙ 50 لک ٻارن ۾ ويڪسي نيشن جي شرح 25 سيڪڙو آهي جڏهن ته ان کي ايندڙ مهينن ۾ 100 سيڪڙو ڪيو ويندو. ??اڪ??تان ۾ انفيڪشن جي سراسري شرح 0.2 کان 05. سيڪڙو آهي ۽ گذريل 15 هفتن کان ڪوويڊ 19 سان ڪا فوتگي ناهي ??ي. ا??لا?? کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪوويڊ 19 جي نئين قسم جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ سرحدي رستن تي موثر انتظام ڪيا ويا آهن. ان سان گڏوگڏ هوائي اڏن تي رينڊم سيمپلنگ جي شرح وڌائي 2 سيڪڙو ڪئي وئي آهي ۽ متاثر ملڪن کان ايندڙ هوائي جهازن جي فيوميگيشن سان گڏوگڏ مسافرن جي اسڪريننگ به وڌيڪ موثر بڻائي وئي آهي. ا??لا?? کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي قدمن ۽ وزيراعظم جي خصوصي ڌيان جي ڪري ??اڪ??تان دنيا جي انهن ڪجهه ملڪن مان هڪ آهي جنهن ۾ جينوم سرويلنس يقيني بڻائي وئي آهي جنهن جي ڪري تمام جلد وائرس جي نئين قسم جي نشاندهي ??مڪن ٿئي ٿي. وزيراعظم نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت، اين سي او سي عملدارن ۽ سول ايوي ايشن عملدارن کي ڪوويڊ 19 جي روڪٿام جي قدمن کي پڻ ساراهيو.