استنبول – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ استنبول انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان وطن واپسي جي لاءِ روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب استنبول انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ترڪيءَ ۾ موجود پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن ۽ ترڪيه جي اعليٰ عملدارن وزيراعظم کي الوداع ڪيو. ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ۽ صدر رجب طيب اردوان استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪ بحريه جي چار ملجم ڪارويٽ جهازن مان ٽئ??ن جهاز پ?? اين ايس خيبر جو افتتاح ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي صورتح??ل ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، وفدن جي سطح تي ڳالهيون ڪيون ۽ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب پڻ ڪيو. پنهنجي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ترڪيه جي واپارين سان ملاقات، پاڪستان ترڪيه بزنس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب، اي سي او ٽري?? اينڊ ڊيولپمينٽ بئنڪ جي صدر سان ملاقات پڻ ڪئي.