اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف برطانو?? هاءِ ??ميشن ويو ۽ ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي. وزيراعظم پاڪستان ۾ برطانيا ج?? هاءِ ??مشنر ڪرسچن ٽرنر سان ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ملڪه برطانيا جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو. هن آنجهاني ملڪه ايلزبيٿ ٻه جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪند?? هاءِ ??ميشن ۾ رکيل تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبن?? ڪيا. سندس اچڻ تي برطانو?? هاءِ ??مشنر هاءِ ??ميشن جي ٻين آفيسرن سان گڏ وزيراعظم جو استقبال ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ وزيراعظم سان گڏ هئي. ان کان اڳ وزيراعظم برطانوي وزيراعظم لز ٽروس کي پڻ خط لکيو هو ۽ شاهي خاندان، برطانوي حڪومت ۽ عوام سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ملڪه ايلزبيٿ عوامي مفاد جي لاءِ پنهنجي خدمتن کانسواءِ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي علامت هئي. برطانيا ۾ 7 ڏهاڪن تائين سڀ کان ڊگهي عرصي تائين حڪمراني ڪندڙ ملڪه ايلزبيٿ خميس ڏينهن 96 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.