پشاور – 29 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ سٽيل ريليف ڪئمپ جو دورو ڪيو جتي هو ٻارن سميت ٻوڏ مت??ثرين سان مليو ۽ انهن کي حڪومت پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. ٻوڏ مت??ثرين سان ڳالهائيندي وزيراعظم ??وش??ره ضلعي جي ٻوڏ مت??ثر ماڻهن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته حڪوم?? انهن جي بحالي ۽ آبادڪاري جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندي. شهباز شريف چيو ته حڪومت آخري ٻوڏ مت??ثر جي بحالي ۽ آبادڪاري تائين پنهنجون ڪوششون جاري رکندي. هن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي ۽ ٻيا قومي تعميراتي اد??را ٻوڏ مت??ثرين تائين پهچڻ ۽ انهن کي هنگامي بنيادن تي ضروري امداد فراهم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل تعاون سان ڪم ڪري رهيا آهن، ٻوڏ سبب تباهه ٿيندڙ رستن جي نئين سر تعمير ڪئي ويندي. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ملڪ ٻوڏ جي موجوده صورتحال مان ڪاميابي سان نڪري ايندو ۽ مت??ثرين پنهنجي معمول واري زندگي طرف واپس ويندا. وزيراعظم ڪئمپ جي اندر ٻوڏ مت??ثرين جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن کي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. شهباز شريف مت??ثرين کي چيو ته هو پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ مستقبل جي آفتن کان اسان جي عوام جي حفاظت جي لاءِ دعا ڪن. ان موقعي تي وزيراعظم ٻارن سان پيار جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، وزيراعظم جو صلاحڪار انجنيئر امير مقام ۽ ايم پي اي اختيار اردلي پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا.