اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ نوجوانن کي موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ وڏو فيصلو ڪندي محڪماڻي رانديون بحال ڪرڻ جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب سيپٽمبر 2021ع ۾ پي ٽي آءِ حڪومت محڪماڻي راندين جي لاءِ فنڊنگ روڪي ڇڏي هئي، عمران خان حڪومت جي ڪري 30 مختلف راندين ۾ محڪماڻي رانديون ختم ٿي ويون هيون جنهن سا?? هزارين رانديگر بيروزگار ٿي ويا هئا. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف قوم کي خطاب ۾ محڪماڻي رانديون بحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. وزيراعظم اپريل 2022ع ۾ محڪماڻي رانديون بحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو. رانديگرن وزيراعظم کان پنهنجي بيروزگاري ۽ مسئلن جي ڏس ۾ محڪماڻي راندين جي بحالي جو مطالبو ڪيو هو. وزيراعظم اهو قدم ملڪ ۾ راندين جي فروغ ۽ نوجوان ٽيلنٽ جي ح??صل?? افزائي جي لاءِ کنيو آهي.