سرينگر – 03 – آگسٽ (اي پي پي) غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ پروفيسر عبدالغني بٽ چيو آهي ته ڪشميري عوام پراڻي ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جي ل??ءِ پنهنجي پرامن آزادي جي ج??وج??د ??ار?? رکي آ??ي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب پروفيسر عبدالغني بٽ بڊگام جي مختلف علائقن مڪهامه، رتسونه ۽ سنور ??الي پوره ۾ عوامي ميڙن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت کي والاريل ڪشمير سميت سمورن حل طلب مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ڪشميري عوام خطي ۾ امن ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن جي خواهشمند آهي. هن چيو ته ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ل??ءِ سمورا حل طلب مسئلا خاص طور تي ڪشمير تڪرار کي بامعنيٰ ۽ نتيجاخيز ڳالهين واري عمل ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر اڳواڻ چيو ته نه رڳو خطي پر پوري دنيا جي جاگرافيائي سياسي صورتحال تبديل ٿي رهي آ??ي جيڪا ننڍن ۽ غريب ملڪن جي ل??ءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته خطي ۾ پائيدار امن جي ل??ءِ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي کي ڳالهين ذريعي سمورن حل طلب مسئلن خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار کي حل ڪرڻو پوندو.