فيصل آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ناليواري پارليامينٽرين، مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ صوبائي اسيمبلي ميمبر ميان طاهر جميل ??يو آهي ته موجوده حڪومت وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ڪشمير جي مسئلي جو گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان ڏس ۾ سفارتي سطح تي دنيا کي ڀارتي ظلمن بابت آگاهه ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن. هڪ بيان ۾ هن ??يو ته ڀارتي فوج ڄمون ۽ ڪشمير تي غاصباڻي قبضي جي خلاف ۽ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مختلف پروگرامز منعقد ڪيا ويندا، جن ۾ شهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪندا. هن ??يو ته 5 آگسٽ تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي غاصباڻي گهيراءُ کي ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستاني قوم مظل??م ڪشميري عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي جڏهن ته ڀارت جي خلاف ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد عالمي طاقتن جو ڌيان ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ طرف ڇڪرائڻ آهي. هن ??يو ته مظل??م ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ ڀارتي حڪومت پاران ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڀرپور مذمت جي لاءِ ڪشمير استحصال ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائي سڄي قوم ثابت ڪندي ته اها هر لمحي پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي. هن ??يو ته ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي.