اسلام آباد – 05 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ناليواري سول سرونٽ عبدالله مرحوم جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هو سي ايس پي 1967ع بئچ سان تعلق رکندو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيا?? موجب وزيراعظم چيو ته سول سرونٽ عبدالله جي لاڏاڻي تي گهرو ڏک ٿيو، الله کيس جنت ۾ جڳهه ڏي. عبدالله مرحوم هڪ فرض شناس سول سرونٽ، هڪ ناليوارو اسڪالر ۽ اسلام جي محققين مان ??ڪ هو. وزيراعظم چيو ته عبدالله مرحوم جو سروس دوران ??اڻهن جي ڀلائي لاءِ ڪم ۽ ملڪ جي لاءِ اڻٿڪ محنت سول سرونٽس جي لاءِ پوئلڳي قابل رول ماڊل آهي. اسان جون سموريون همدرديون مرحوم جي گهروارن سان گڏ آهن. الله تعاليٰ ا??هن کي صبر جميل عطا فرمائي.