اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پ??ڪس??ان ۽ ترڪيءَ جا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي دلين ۾ رهن ٿا، ٻئي قومون گڏيل سماجي، ثقافتي ۽ مذهبي قدرن تي ٻڌل مثالي دوستاڻا لاڳاپا رکن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??ڪس??ان ۾ ترڪيءَ جي عهدو ڇڏيندڙ سفير احسان مصطفيٰ يرادڪ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ??در چيو ته پ??ڪس??ان ۽ ترڪيءَ جا ڀائراڻا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي دلين ۾ رهن ٿا. ٻئي قومون گڏيل ساماجي، ثقافتي ۽ مذهبي قدرن تي ٻڌل دوستاڻا لاڳاپا رکندڙ آهن. اميد آهي ته گڏيل طور تي فائديمند گهڻ رخا لاڳاپا مستقبل ۾ به مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا. ترڪيءَ ۽ پ??ڪس??ان ٻين مسلمان ملڪن سان گڏ او آءِ سي ۽ گڏيل قومن سميت مختلف فو??من تي ??سلامو فو??يا جو مقابلو ڪيو. صدر چيو ته گڏيل ڪوششن جي ڪري گڏيل قومون 15 مارچ اسلامو فو??يا سان مقابلي جي عالمي ڏهاڙي طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو. اسلامو فو??يا سڄي دنيا ۾ ۽ خاص طور تي ڀارت ۾ وڌي رهيو آهي. ڀارت ۾ سمورن مذهبي اقليتن خاص طور تي مسلمانن کي بنا ڪنهن خوف جي ظلم ۽ تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ڀارت ۾ مسلمانن جي گهرن ۽ عبادتگاهن کي مسمار ڪيو ويو. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن جي مذهبي علامتن ۽ شخصيتن جي توهين ڪئي وئي. صدر ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي ??رڪيءَ پاران پ??ڪس??ان جي مستقل حمايت جا ٿورا مڃيا. ٻئي ملڪ قبرص، غيرقانوني ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گڏيل قومن جي نئين سر جوڙجڪ جي معاملي تي هڪ جهڙا خيال رکندڙ آهن. صدر عهدو ڇڏيندڙ سفير کي اسلام آباد ۾ پنهنجي ملازمت جو مدو مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد پڻ ڏني. صدر پاڪ ترڪ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ سفير جي ذاتي ڪردار کي پڻ ساراهيو.