اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف قومي پاليسين ۾ عوامي شموليت جي لاءِ انوويشن حب جو افتتاح ڪندي چيو آهي ته نوجوانن کان جديد ??ئيڊياز حاصل ڪرڻ لاءِ سمورين وزارتن ۽ ادارن ۾ هڪ سيل قائم ڪنداسين، جنهن ۾ هوشيار ۽ باصلاحيت نوجوانن کي شامل ڪيو ويندو، جيڪي جديد ??ئيڊياز ڏيندا ۽ انهن کي قومي پاليسي سازي ۾ شامل ڪنداسين. وزير??عظ?? شهباز شريف بٽڻ دٻائي انوويشن حب جو افتتاح ڪيو. ان موقعي ??ي وزير??عظ?? شهباز شريف شريڪ ٿيندڙن جي آجيان ڪندي چيو ته هي هڪ انقلابي پروگرام آهي، اسان جي معاشري ۾ پاليسي سازي ۾ ماهرن جي ڪردار جي کوٽ آهي، ان پروگرام جو مقصد پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ هوشيار ۽ قابل پاڪستانين کي پاليسي سازي جو لازمي حصو بڻائڻو آهي، جنهن سان جديد ??يالن کي پاليسي سازي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته جديد ??لم، تحقيق ۽ تجربن جي اڄ جي دور ۾ تمام گهڻي قدر آهي، ان خلا کي پُر ڪرڻ جي لاءِ اهو پروگرام شروع ڪيو ويو آهي. وزير??عظ?? چيو ته هو ذاتي طور تي ان پروگرام کي اجاگر ڪندو ۽ قوم جي هوشيار نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. وزير??عظ?? چيو ته جيڪڏهن ان پروگرام ۾ بزرگ شهرين پاران ٺوس تجويزون ۽ آئيڊيا ايندا ته ان جي آجيان ڪنداسين ۽ انهن تي عملدرآمد ڪيو ويندو. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته پاڪستان هر لحاظ سان ترقي ڪري ۽ جديد ??ور جي گهرجن سان هم آهنگ ٿئي. دنيا تحقيق ۽ جديد ??عليم ۾ آسمانن جون بلنديون ڇُهي رهيون آهن، اتي تحقيقي مقالا لکيا ويندا آهن ۽ انهن کي بحث هيٺ آڻي آئيڊياز مان فائدو ورتو ويندو آهي. ان موقعي ??ي وزير??عظ?? اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي ٻڌايو ته وزير??عظ?? جي پبلڪ پاليسي جا قدم جيڪي عوام جي سڌوسنئون فائدي بابت آهن، ان ۾ عوام جي سڌوسنئون شموليت سان انهن جا مسئلا حل ٿيندا، انهي سلسلي ۾ وزير??عظ?? جي حڪمن تي انوويشن حب جو آغاز ڪيو پيو وڃي. اسان عوام کي پبلڪ پاليسي ۾ شريڪ ڪري رهيا آهيون. ان انوويشن حب جي ذريعي ??وام پاران ايندڙ مختلف آئيڊياز کي شامل ڪيو ويندو ۽ چونڊيل آئيڊيا ڏيندڙن کي 15 آگسٽ کان پي ٽي وي تي شروع ٿيندڙ پروگرام ۾ گهرايو ويندو ۽ اهي پنهنجا آئيڊياز قوم آڏو رکندا جن مان چونڊيل آئيڊياز قومي پاليسي جو حصو بڻجندا، جڏهن ته اهي آئيڊيا وزير??عظ?? کي پيش ڪيا ويندا ۽ هو ان تي انعام ڏيندو. هن ٻڌايو ته عوام پاران ايندڙ مختلف راءِ کي غور هيٺ آڻڻ جي لاءِ پروفيسر فيصل باري، مشرف زيدي، شاهه رخ خليل، عائشه رضا فاروق ۽ شزه تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي وئي آهي. وزير??عظ?? اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ ان تي عملدرآمد ڪندو، ان موقعي ??ي شرڪت ڪندڙن به پنهنجي راءِ ڏني. واضح رهي ته انوويشن حب جو قيام ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قومي پاليسين ۾ عوامي شموليت جي لاءِ عمل ۾ آندو ويو آهي. وزير??عظ?? جي پاليسي ٺاهڻ جي عمل ۾ سڀني ڌرين جي راءِ کي اهميت ملندي. باصلاحيت نوجوان افرادي قوت جي ڪردار کي اهميت ڏيڻ جي لاءِ حب جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي، انوويشن حب جو قيام پاليسي سازي ۽ ملڪي ۽ عوامي ضرورتن کي هم آهنگ بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.