اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعي علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي جنهن ۾ وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ۽ خواجه سعد رفيق پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي ??ٺ ڪئي وئي. مولانا فضل الرحمان ڪابينا جي پهرين اجلاس ۾ پيش ڪيل ملڪي معيشت جي انگن اکرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪابينا جي گڏج?? ملڪ کي انهن مشڪل حالتن مان ڪڍڻ جي عزم ک?? ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خوش آئنده قرار ڏنو.