اسلام آبا?? – 02 – مارچ (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نادرا شهرين جي سهولتن ۾ اضافي جي لاءِ 88 نوان رجسٽريشن مرڪز قائم ڪيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته نادرا پاران قائم ڪيل نوان رجسٽريش?? سينٽرز مختلف تعلقن ۾ ٺاهيا ويا آهن جتي ان کان اڳ ۾ اها سهولت نه هئي. نادرا بلوچستان جي مختلف جاين تي 13، سنڌ ۾ 22، خيبرپختونخواهه ۾ 16، گلگت بلتستان ۾ 11?? پنجاب ۾ 11?? آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 12 ۽ راولپنڊي، اسلام آباد ۾ هڪ هڪ نئون رجسٽريش?? سينٽر قائم ڪيو آهي.