اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيرا??ظم عمران خان جي چين جي دوري دوران چين جي مختلف ڪاروباري ش??صيتون ۽ وڏن سيڙپڪارن سان ملاقاتون ٿينديون. چين مان ڪيترائي ڪاروباري ۽ صنعتي يونٽس پاڪستان منتقل ٿيندا، ان دوري سان پاڪ چين گهرن لاڳاپن جي سگهه ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. اها ڳاله?? هن وزيرا??ظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ چئي، چوڌري فواد حسين چيو ته وزيرا??ظم عمران خان اڄ اعليٰ سطحي وفد سان گڏ چين جي اهم دوري تي روانو ٿي رهيو آهي. پنهنجي چين جي دوري دوران وزيرا??ظم عمران خان چين جي صدر شي چن پنگ سان ملاقات ڪندو. صدر شي چن پنگ ٻن سالن کانپوءِ ڪنهن عالمي اڳواڻ سان ملاقات ڪندو جيڪو وزيرا??ظم عمران خان هوندو. هن چيو ته وزيراعظم جي چين جي دوري جو مقصد ونٽر اولمپڪس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ۽ ان جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪري پاڪستان جو خير سگالي جو جذبو پهچائڻ آهي، هن چيو ته ان موقعي تي 20 ٻين ملڪن جا سربراهه به چين ۾ موجود هوندا. وزيراعظم جي چين جي مختلف ڪاروباري ش??صيتن سان ملاقاتون به ٿينديون. ان دوري کانپوءِ چين مان ڪيترائي ڪاروباري ۽ صنعتي يونٽس پاڪستان منتقل ٿيندا. هن چيو ته وزيرا??ظم عمران خان جي چين جي صدر ۽ وزيرا??ظم سان به ڌار ڌار ملاقاتن کانسواءِ چين جي وڏن سيڙپڪارن سان ملاقاتون به طئي آهن، اهو دورو هماليه کان اونچي ۽ بحيره عرب کان گهِري پاڪ چين لاڳاپن جي سگهه ۾ وڌيڪ اضافو ڪندو.