اسلام آباد – 21 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پا??ست??ن ۾ سياحت جو فروغ پا??ست??ن تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اها ڳالهه هن وزيراعظم عمران خان جي سياحتي رابطن واري خصوصي صلاحڪار اعظم جميل سان ڳالهائيندي ڪئي. جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي ملاقات دوران سياحت جي فروغ لاءِ مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزي چيو ته پا??ست??ن ۾ سياحت جو فروغ وزيراعظم عمران خان ۽ پا??ست??ن تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. 2019ع ۾ پا??ست??ن ۾ سياحت جي شعبي ۾ مثالي ترقي ٿي، هن چيو ته ڪ??رو??ا جي ڪري جتي باقي شعبا متاثر ٿيا اتي سياحت جي شعبي کي به شديد نقصان پهتو، ڪ??رو??ا جي صورتحال ۾ بهتري کانپوءِ سڄي دنيا جا سياح ٻيهر سياحت طرف متوجهه ٿي رهيا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ته اسان سياحت جي فروغ لاءِ پا??ست??ن اچڻ جي خواهشمند سياحن لاءِ آن ويز سميت ڪيتريون ئي سهو??تو?? فراهم ڪري رهيا آهيون، منهنجو اسپين جي دوري دوران گڏي?? قومن جي سياحت بابت عالمي تنظيم (يو اين ڊبليو ٽي او) جي سيڪريٽري جنرل سان فائديمند ملاقات ٿي، وزيراعظم جو سياحتي رابطن وارو خصوصي صلاحڪار اعظم جميل پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پرڏيهي وزارت جي مدد سان هڪ جامع قومي سياحتي پاليسي جلد جوڙڻ جو اشارو ڏنو.