اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ور??وئل يونيورسٽي کي هدايت ??ئي آهي ته مل?? جي ڏورانهن علائقن خاص طور تي بلوچستان، سنڌ، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي سهولت لاءِ پنهنجي موجودگي وڌائي، ور??وئل يونيورسٽي جي دائري ڪار ۾ اضافي سان ڏورانهن علائقن جا ماڻهو ڪورسز ۽ اي لرننگ پروگرامن مان لاڀ پرائي سگهندا. مارڪيٽ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ آن لائين تعليم ۽ تربيت ??ي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ور??وئل يونيورسٽي بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ور??وئل يونيورسٽي جو ريڪٽر ڊاڪٽر ارشد سليم ڀٽي ملڪ ۾ اي لرننگ جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي بريفنگ ڏني. بريفنگ جي دوران ٻڌايو ويو ته ور??وئل يونيورسٽي 2021ع ۾ 55 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي داخلا ڏني جيڪا نمايان ڪاميابي آهي. يونيورسٽي مل?? جي مختلف علائقن ۾ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب مقامي نوجوانن کي تعليم جي فراهمي لاءِ مقامي ڊگري ڪاليجز، يونيورسٽين ۾ ڪمپيوٽر ليبز قائم ڪري رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽي انتظاميه کي عالمي معيار موجب ڪورسز ترتيب ڏيڻ جي هدايت ??ئي. صدر ملڪ ۾ اي لرننگ جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو.