اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) عالمي سطح تي ??هترين رائج طريقن موجب ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جي آءِ ايس مانيٽرنگ سسٽم کي استعمال ۾ آڻيندي ستين آدمشماري ۽ گهر شماري ڪرائڻ ۽ ان ڏس ۾ گهر شماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي قيام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جو 49 هون اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيو،
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اجلاس ۾ وڏن وزيرن جي آجيان ڪندي چيو ته صوبن جي مطالبي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاسن جو انعقاد وڌائي سگهجي ٿو. وزيراعظم سي سي آءِ جي مستقل سيڪريٽريٽ جي قيام تي ميمبرن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اهو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ حصيداري جو مظهر آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته وفاقي حڪومت سڀني اڪاين ۽ ڌرين سان مشاورت سان قومي معاملا طئي ڪرڻ جو عزم ڪي?? آهي. سي سي آءِ ستين آدمشماري ڪرائڻ جي منظوري ڏيندي ”آدمشماري مانيٽرنگ ڪميٽي“ جي قيام جي منظوري ڏني، ان ڪميٽي جي سربراهي پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين ڪندو، جڏهن ته سڀئي صوبا چيف سيڪريٽريز، نادرا جو چيئرمين، اسلام آباد جو چيف ڪمشنر ۽ ٻيا سينئر عملدار ڪميٽي جا ميمبر هوندا.
ڪميٽي آدمشماري جي شفاف جلد ۽ اعتماد جي قابل هئڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ سرگرمين جو جائزو وٺندي ۽ نگراني ڪندي. آدمشماري مشاورتي ڪميٽي جي سفارشن جي روشني ۾ سي سي آءِ عالمي سطح تي ??هترين طريقن موجب ڊجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جي آءِ ايس مانيٽرنگ سسٽم کي استعمال ۾ آڻيندي ستين آدمشماري ۽ گهر شماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته آدمشماري کان پهرين گهرشماري ڪئي وڃي، وزيراعظم زور ڏنو ته حڪومت چاهي ٿي ته هڪ قابل اعتماد آدمشماري ۽ گهرشماري ڊيٽا جوڙيو وڃي ته جيئن شهرين جي ڀلائي جي منصوبن ۽ پاليسين جي لاءِ ان کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. اجلاس ۾ سي سي آءِ جي مالي سال 21 -2020ع جي لاءِ سالياني رپورٽ جي منظوري ڏني وئي ۽ ٻڌايو ويو ته ان عرصي دوران 6 اجلاس ٿيا، جنهن ۾ 21 ايجنڊا ايٽمز تي ??ور ڪيو ويو ۽ 13 فيصلن تي ??ملدرآمد ڪيو ويو جڏهن ته 6 عمل هيٺ آهن،
اڳوڻن فيصلن تي ??ملدرآمد جي حوالي سان سي سي آءِ کي ٻڌايو ويو ته 110.928 ملين روپين جي لاڳت سان سي سي آءِ جو خودمختيار سيڪريٽريٽ قائم ٿي چڪ?? آهي. ان جي قيام سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ موثر ڪوآرڊينيشن ۾ مدد ملندي، سي سي آءِ ڪراچي جي لاءِ اضافي پاڻي جي ضرورتن جي معاملي تي ??وبن جي راءِ جو جائزو وٺڻ ۽ سياسي ۽ ٽيڪنيڪي سطح ۽ پاڻي بابت معاملن لاءِ ڪميٽي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.