اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغانستان ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو، افغانستان ۾ معطل بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ڪرڻ جي ضرورت آ??ي. ??و آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان نازڪ صورتحال ۾ ورتل آهي، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. دنيا فوري ڌيان نه ڏنو ته افغانستان ۾ انساني بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ڪانفر??س دنيا جو ڌيان افغانستان تي ڇڪرائڻ جي لاءِ تمام اهم آ??ي. ??نيا کي افغانستان جي زميني حقيقتن ??ان آگاهه هجڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته ڪانفرنس ۾ افغان نمائندا به پنهنجو موقف پيش ڪندا. شاهه محمود قريشي خبردار ڪيو ته پناهگيرن جو بحران پيدا ٿيو ته ايران تائين محدود نه رهندو، دنيا جي مفاد ۾ آهي ته افغانستان جي صورتحال نه بگڙي، نه ته پناهگير روزگار جي لاءِ يورپ جي دروازن تي به دستڪ ڏيندا. هن چيو ته هن وقت افغانستان ۾ جنگ نه ٿي رهي آهي، بک جو مسئلو آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ معطل بئنڪنگ سسٽم فوري بحال ڪرڻ جي ضرورت آ??ي. ??ئنڪنگ سسٽم فعال نه ٿيو ته سڄي دنيا مان افغاني پئسا ڪيئن موڪليندا، افغان عبوري حڪومت وٽ پگهارون ڏيڻ جي لاءِ پئسا نه آهن. افغانستان جي پنهنجي وسيلن کي منجمند ڪيو ويو آهي.