اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو ??واب مديني جي رياست وانگر فلاحي نظام، معاشي ترقي ۽ خوشحال عوام آهي، محدود وسيلن وارن 37 لک خاندانن کي 1400 ارب سان معاشي طور تي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪامياب پاڪستا?? پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، ان سان غربت جي خاتمي، محروم طبقن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي ٽوئيٽ ?? مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪامياب آبادگار جي ذريعي آبادگارن کي بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا، ڪامياب ڪاروبار پروگرام تحت ڪاروبار جي لاءِ پنج لک تائين بنا وياج قرض ڏنا ويندا، سستا گهر اسڪيم ت??ت پنهنجو گهر بڻائڻ جي لاءِ آسان قسطن تي فنانسنگ جي س??ولت فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ فني تعليم ۽ صحت انصاف ڪارڊ به ڪامياب پاڪستا?? پروگرام جو ??صو آهي.