اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 6 سيپٽمبر جو عظيم ڏينهن پنه??جي جانبازن، شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو ڏينهن آهي، قوم کي پنه??جي شهيدن تي ??دائين فخر رهندو، جن ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ تح??ظ جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، ڀارت پاڪستان ۽ علائقي جي امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ڀارت ۾ اق??يتن ۽ والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن تي ??لم ڪيو پيو وڃي، اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اسان جي بهادر قوم ۽ مضبوط هٿياربند فوج ڪيترائي ڀيرا ثابت ڪيو آهي ته اسان ملڪ جي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا ۽ ڪنهن به قسم جي جارحيت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنه??جي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته زندهه قومون آزمائشن مان گذري اڃا وڌيڪ مضبوط ٿينديون آهن. 1965ع ۾ جڏهن دشمن اسان جي آزادي ۽ بقاءَ کي پائمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستاني قوم مضبوط جبل وانگر ان جي آڏو ڄمي وئي. 6 سيپٽمبر تي ڀارت پاڪستان تي ??ڻ اعلانيل جنگ مڙهي ته پوري قوم وطن جي محافظن جي حمايت ۾ اٿي بيٺي، ڪيترائي ماڻهو پيادل ئي سرحدن طرف هلي پيا. قومي هم آهنگي ۽ يڪجهتي ??ي ان عظيم مظاهري اسان جي بهادر هٿياربند فوج جي جذبن کي اڃا به وڌيڪ مضبوط بڻائي ڇڏيو ۽ دشمن جي خلاف ان بي خوفي سان وڙهي ته دنيا ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. اسان جي بهادر آفيسرن، جوانن ۽ پائليٽن دنيا تي ??ابت ڪري ڇڏيو ته ملڪ جي هڪ هڪ انچ جي حفاظت جي لاءِ هر وقت تيار آهي، ڀلي ان جي لاءِ ??نهن کي ڪهڙي به قيمت ادا ڪرڻي پوي. اهي پنه??جي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ??رئت ۽ بهادري سان وڙهيا ۽ عظيم قربانيون پيش ڪندي ملڪ جي دفاع جو فرض نڀائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. 6 سيپٽمبر جو عظيم ڏينهن هر سال اسان کي پنه??جي هيروز، هٿياربند فوج جي جانبازن ۽ خاص طور تي ??نهن شهيدن ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، جيڪي سدائين کان قوم جي اميد ۽ فخر رهيا آهن. اسان ملڪ جي سلامتي ۽ تح??ظ جي لاءِ پنهنجون قيمتي ??انيون قربان ڪندڙ قوم جي انهن بهادر فرزندن کي سلام پيش ڪريون ٿا. اسان شهيدن جي فيمليز کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن پنه??جي پيارن کي ملڪ تي نڇاور ڪري ڇڏيو. اڄ هي ڏينهن ملهائيندي آئون اهو چوندس ته دشمن ڪڏهن به پرامن گڏيل بقاءَ جو مظاهرو نه ڪيو. پر پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين ان پاڪستان تي ڪيتريون ئي جنگيون مڙهيون آهن. 1948ع، 1965ع يا 1971ع هجي يا ٻن ڏهاڪن تي ٻڌل دهشتگردي جي خلاف جنگ، پاڪستان جي اندر تخريبي سرگرميون هجن يا پوءِ ??ائبر وار فيئر جي ذريعي پروپئگنڊه، دشمن اسان جي خلاف ڪارروايون ڪندو آيو آهي، بدقسمتي ??ان ماضي ۾ ڀارت افعان سرزمين کي پاڪستان ۾ بدامني ۽ دهشتگردي جي ڪاررواين جي لاءِ ??ستعمال ڪندو رهيو. اڄ جي ڏينهن اسان انهن ڪڌا حربا اختيار ڪندڙ عنصرن جي مذمت ڪندي پنه??جي بهادر فوج کي خاص طور تي ملڪ جي لاءِ ??نهن جي لازوال قربانين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. عالمي دنيا کي ان جارحاڻي رويي تي ڀارت کي ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي. اسان کي فخر آهي ته اسان جي سيڪيورٽي فورسز وقت سر ڪارروائي ڪري ڀارت جو اصل چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪيو آهي. دنيا ڄاڻي وئي آهي ته ڪهڙي طرح هو علائقائي ۽ خاص طور تي پاڪستان جي امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهي. اسان جي حڪومت جي موثر پرڏيهي پاليسي جي ڪري عالمي برادري هاڻي ڄاڻي چڪي آهي ته ڪهڙي طرح ڀارتي ??ڪومت پوري ڀارت ۾ اق??يتن ۽ والاريل ڪشمير ۾ مسلمانن تي ??لم ڪري رهي آهي. اها ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿي ته امن جو واحد رستو ڪشمير مسئلي جو گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل آهي. ڀارت کي جلد يا دير سان ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻو پوندو. اسان ڀارت جو انتهاپسنداڻو چهرو دنيا آڏو بي نقاب ڪندا رهنداسين. عالمي برادري جون معتبر ڌريون، امن جي لاءِ ??سان جي ڪوششن کي تسليم ڪري رهيون آهن. ان موقعي تي ??ئون هڪ ڀيرو ٻيهر اها ڳالهه واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان جي امن جي خواهش کي اسان جي ڪمزوري هرگز نه سمجهيو وڃي، پر هن خطي جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ بهتري جي لاءِ ??ن جو جواب انهي مثبت انداز ۾ ڏيڻ گهرجي. اڄ جي ڏينهن آئون پنه??جي بهادر هٿياربند فوج کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان يڪجهتي ??و مظاهرو ڪندي پاڪستان جو دفاع مضبوط ۽ فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جي لاءِ هڪ ڊگهو سفر طئي ڪيو آهي. اسان جي حوصلي واري قوم ۽ مضبوط هٿياربند فوج ڪيترائي ڀيرا اهو ثابت ڪيو آهي ته اسان ملڪ جي دفاع جي نه رڳو ڀرپور صلاحيت رکون ٿا پر ڪنهن به قسم جي جارحيت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار آهيون. اچو، سيپٽمبر جنگ جي ولولي انگيز جذبن کي پنه??جي دلين ۾ سدائين تازو رکون. اهو جذبو اڳتي ??رپيش سمورن چئلينجز ۾ سرخرو ٿيڻ جي لاءِ ڪافي آهي. اچو، پنه??جي شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان وچن کي ورجايون ته اسان ملڪ جي دفاع، سلامتي ۽ بقاءَ جو تحفظ هر قيمت تي ڪندا رهنداسين. پاڪ فوج زندهه آباد، پاڪستان پائنده آباد.