اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادري جو ذميوار ملڪ آهي، طالبان حڪومت کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو هڪطرفو نه پر علائقائي ۽ عالمي طاقتن سان گڏجي ڪنداسين، افغانستان جي حوالي سان اسان جو موقف اڳ ۾ به واضح هو، هاڻي به واضح آهي، افغانستان ۾ هن وقت صورتحال اطمينان جوڳي آهي، اها خوش آئنده ڳا??هه آهي ته ڪابل ۾ اڃا تائين تشدد جو ڪو واقعو ناهي ٿيو، اميد آهي ته طالبان افغانستان ۾ قانون جي حڪمراني ۽ بنيادي انساني حقن جو احترام ڪندا، پاڪستان اشرف غني کي ڪيترائي ڀيرا مشورو ڏنو ته هو اڪيلي سر حڪومت نه ٿو ڪري سگهي، وز??را??ظم عمران خان باجوڙ جلسي ۾ خطاب ڪندي افعان حڪومت کي چيو هو ته اهي اليڪشن جي تياري بدران مختلف گروپن سان ڳا??هه ٻولهه ڪري هڪ متفقه حڪومت ٺاهين، عاشوري جي احترام ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ تي تقريبون ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪرپشن فري، مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان ۽ مديني جي رياست جي ماڊل جي واعدي تي قائم آهيون، وفاقي ڪابينا ملڪ ۾ راندين جي معيار جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي بين الصوبائي رابط?? واري وزارت کي نئين اسپورٽس پاليسي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وز??را??ظم اٺين، نائين ۽ ڏهين ڪلاسن ۾ سيرت النبي ﷺ جي تعليم لازمي پڙهائڻ تي زور ڏنو آهي، پارلياماني معامل?? واري صلاحڪار اي وي ايم بابت ڪابينا کي بريفنگ ڏني، ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين کي واپڊا جو ٻيهر چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ??ني وئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چوڌري فواد حسين چيو ته وز??را??ظم افغانستان جي معاملي تي ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي فيصلن کان پڻ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته افغانستان جي حوالي سان اسان جو موقف اڳ ۾ به واضح هو هاڻي به واضح آهي، افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت کي تسليم ڪرڻ جي معاملي ۾ خطي جي ٻين ملڪن سان گڏجي فيصلو ڪنداسين، پاڪستان عالمي برادري جو هڪ ذميوار ملڪ آهي، اسان هڪطرفو نه پر علائقائي ۽ عالمي طاقتن سان گڏجي فيصلو ڪنداسين. هن ٻڌايو ته وز??را??ظم عمران خان جي ٻه ڏينهن اڳ ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان سان تفصيلي ڳا??هه ٻولهه ٿي آهي، گذريل ڏينهن آمريڪا جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان تفصيلي ڳا??هه ڪئي. اسان ان معاملي ۾ افغانستان جي اندر موجود ٻين گروپس سان پڻ رابطي ۾ آهيون. چوڌري فواد حسين چيو ته افغانستان ۾ هن وقت صورتحال اطمينان جوڳي آهي، اها خوش آئنده ڳا??هه آهي ته ڪابل ۾ اڃا تائين ڪو تشدد جو واقعو ناهي ٿيو، عوام جو وڌيڪ نقصان ناهي ٿيو، اسان اميد ڪريون ٿا ته طالبان افغانستان ۾ قانون جي حڪمراني، بنيادي انساني حقن جو احترام يقيني بڻائيندا. گذريل ڏينهن اسان قومي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ پڻ ان ڳا??هه تي زور ڏنو هو ته اسان چاهيون ٿا ته ڪابل ۾ نئين حڪومت عالمي بنيادي انساني حقن جو احترام ڪري. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان اشرف غني کي بار بار مشورو ڏنو هو ته توهان افغانستان ۾ اڪيلي حڪومت نه ٿا ڪري سگهو، وز??را??ظم باجوڙ جلسي ۾ پنهنجي خطاب دوران به افغانستان جي حڪومت کي چيو هو ته توهان نئين اليڪشن جي تياري بدران مختلف گروهن سان ڳا??هه ٻولهه ڪري هڪ متفقه حڪومت ٺاهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته 18 آگسٽ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جا ٽي سال مڪمل ٿي رهيا آهن، عاشوري جي احترام ۾ ان ڏينهن جون تقريبون ملهائڻ جو فيصلو اسان ملتوي ڪيو آهي، عاشوري ??انپوءِ نئين تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو. ان ڏينهن اسان تفصيل سان ٻڌائينداسين ته ڪهڙي طرح ٽن سالن ۾ مشڪلاتون درپيش رهيون، وز??را??ظم عمران خان کي ملڪ ڪهڙين حالتن ۾ مليو ۽ مستقبل ۾ اسان کي ڪهڙي طرح اڳتي وڌڻو آهي. هن چيو ته وز??را??ظم ۽ ڪابينا جي ميمبرن ٽن سالن ۾ پنهنجي حلف جي پاسداري ??ندي قوم سان ڪيل واعدن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا جنهن تي وز??را??ظم ڪابينا کي مبارڪباد ڏني. انهن قدمن جو تسلسل ايندڙ سالن ۾ به جاري رهندو. ڪرپشن فري، مضبوط ۽ مستحڪم پاڪستان ۽ مديني جي رياست جي ماڊل جي واعدي تي قائم آهيون. عاشوري ??انپوءِ قوم کي ان تي اعتماد ۾ وٺنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وز??را??ظم تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود ۽ سندس ٽيم کي هڪ قومي نصاب جاري ??رڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. وز??را??ظم عمران خان قوم کي گڏ ڪرڻ، معاشرتي فرق کي ختم ڪرڻ ۽ پاڪسانيت اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان هڪ نصاب کي اهميت رکندڙ قرار ڏنو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هڪ قوم هڪ نصاب اسان جو واعدو هو، هن وقت پاڪستان جي اسڪولن ۾ مختلف نصاب پڙهايو پيو وڃي، اسان جو موقف هو ته بنيادي تعليم جا گهٽ ۾ گهٽ معيار هڪ جهڙا هجڻ گهرجن. اسان کي خوشي آهي ته پهريون ڀيرو مدرسن ۾ به جديد نصاب پڙهايو پيو وڃي. هن چيو ته اڳ ۾ اسان گهرن ۾ ناظره قرآن پڙهندا هئاسين، هاڻي اسڪولن ۾ به پڙهايو ويندو. وز??را??ظم ان ڳا??هه تي زور ڏنو آهي ته اٺين، نائين ۽ ڏهين ڪلاسن ۾ سيرت النبي ﷺ ضرور پڙهائي وڃي. هن ٻڌايو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ پارلياماني معامل?? واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ايندڙ اليڪشن کي بامعنيٰ ۽ هڪ اهڙي اليڪشن بڻائڻ چاهيون ٿا جنهن تي سمورن م??ڻه?? جو اعتماد هجي، ان ۾ اي وي ايم جو استعمال بنيادي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته جلد کان جلد قانوني مرحلا طئي ڪري اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز کي آڻڻ ضروري آهي، اسان ايندڙ 15 ڏينهن ۾ فيصلائتا قدم کڻڻ وڃي رهيا آهيون ۽ سمجهون ٿا ته مخالف ڌر کي به ان تي حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت اليڪشن ڪميشن کي پنهنجي موقف کان آگاهه ڪيو آهي ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو هڪ ڊيمو پڻ پيش ڪيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا ملڪ ۾ راندين جي معيار جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. بين الصوابائي رابط?? واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا کي هدايت ڪئي وئي آهي ته راندين جي نظام ۾ سڌارن جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. هن ٻڌايو ته وز??را??ظم اولمپڪس ۾ پاڪستاني ايٿيليٽس ۽ اسپورٽس فيڊريشن جي ڪارڪردگي جي حوالي سان سمورن معاملن کي نئين سر ڏسڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته بين الصوبائي رابط?? واري وزارت کي نئين اسپورٽس پاليسي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا جي هدايتن جي روشني ۾ گهرو سيڪريٽري پاران اهم سرڪاري شخصيتن جي سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول بابت اجلاس کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. هن وقت اسلام آباد پوليس جو ڪل خرچ سيڪيورٽي 954.6 ملين رپيا آهي، صدر، وز??را??ظم، وزيرن، صلاحڪارن ۽ معاونين جو ساليانو خرچ 454.3 ملين رپيا ساليانو آهي، عدليه جو خرچ 304.5 ملين رپيا، پنجاب پوليس جو مجموعي خرچ 2509.7 ملين رپيا ساليانو آهي، وز??را??ظم، گورنرز ۽ وڏن وزيرن جو 427 ملين رپيا ساليانو، اڳوڻن وڏن وزيرن ۽ وزيرن ۽ بيوروڪريٽس تي 105.87 ملين رپيا ساليانو، لاهور ۾ عدليه جو خرچ 1143.17 ملين رپيا ساليانو آهي جڏهن ته ٻيا خرچ 833.616 ملين رپيا ساليانو ۽ مجموعي خرچ 2509 ملين رپيا ساليانو آهي. اهڙي طرح خيبرپختونخواهه ۾ وزيرن جو خرچ 222.18 ملين ساليانو، صلاحڪارن ۽ معاونين 24.36 ملين ساليانو، عدليه 501.48 ملين ساليانو، حاضر سروس شخصيتون 646.8 ملين رپيا ساليانو، ٻيا 768.18 ملين رپيا ساليانو، مجموعي خرچ 2448 ملين رپيا ساليانو آهي. تجويز ڪيل قدمن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ بچت اسلام آباد پوليس 199.14 ملين رپيا ساليانو، پنجاب 356.88 ملين رپيا ساليانو، خيبرپختونخواهه پوليس 998.34 ملين رپيا ساليانو، ايف سي 80.36 ملين رپيا ساليانو ۽ ڪل بچت 1634 ملين رپيا ساليانو آهي. هن ٻڌايو ته وز??را??ظم هائوس پنهنجا خرچ اڌ کان به گهٽ ڪيا آهن. اهڙي طرح ايوان صدر جي خرچن ۾ به گهٽتائي ڪئي وئي آهي جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر هڪ ارب 57 ڪروڙ رپيا قومي ناڻي ۾ واپس جمع ڪرايا آهن. هن وقت وز??را??ظم هائوس ۽ اسپيڪر جي خرچن ۾ گهٽتائي اربين رپين جي آهي. گذريل دورن جي ڀيٽ ۾ موجوده دور ۾ سيڪيورٽي تي ايندڙ خرچن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته گذريل دورن ۾ جاتي امراء ۽ لاهور ۾ م??ڻه?? پنهنجي گهرن کي ڪئمپ آفيسز ڊڪليئر ڪري ??ڏيندا هئا ۽ سمورو خرچ حڪومت کي ادا ڪرڻو پوندو هو، موجوده دور ۾ وز??را??ظم پنهنجي گهر ۾ رهي ٿو ۽ سواءِ سيڪيورٽي جي سمورو خرچ پاڻ ڪري ٿو. ايتري تائين جو وز??را??ظم پنهنجي گهر تائين رستو به قومي ناڻي سان ناهي ٺهرايو. هن چيو ته وز??را??ظم خرچن ۾ احتياط ڪري ٿو ته پوءِ بيوروڪريسي کي به خرچن ۾ احتياط ڪرڻ گهرجي. چوڌري فواد حسين چيو ته ڪورونا جي حوالي سان سرڪاري ادارن جي ملازمن جي ويڪسي نيشن تي هيستائين جي اڳڀرائي کان وفاقي ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو. تعليم واري وزير ڪابينا کي ٻڌايو ته 86 سيڪڙو اسڪولن ۽ ڪاليجن جي استادن ۽ اسٽاف جي ويڪسي نيشن ٿي چڪي آهي جيڪا خوش آئنده ڳا??هه آهي. هن چيو ته اميد آهي ته صوبائي حڪومتون ۽ ٻيا ادارا به ان حوالي سان موثر قدم کڻندا. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته اطلاعات واري وزارت ۾ اٽڪل 97 سيڪڙو م??ڻه?? جي ويڪسي نيشن مڪمل ٿي چڪي آهي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته پاڪستان پوسٽ جي مهانگي زمين کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ ۽ ان جو صحيح ۽ منافعو ڏيندڙ استعمال يقيني بڻائڻ جي حوالي سان ڪابينا ليز اينڊ ٽيننسي پاليسي 2020ع جي منظوري ??ني آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان پوسٽ جي ملڪيت هيٺ 4275 ملڪيتون آهن جن مان 838 ڊيپارٽمينٽل بلڊنگز، 120 پلاٽس ۽ 43 انسپيڪشن ڪوارٽرز آهن. انهن ملڪيتن کي هيستائين انهن جي صلاحيت موجب استعمال نه ڪيو ويو. وز??را??ظم عمران خان جي ويزن موجب موجوده حڪومت پاران پاليسي فيصلو ڪيو ويو آهي ته جن حڪومتي ملڪيتن کي هيستائين استعمال ناهي ڪيو ويو، انهن جو موثر استعمال يقيني بڻايو وڃي. ان حوالي سان ڪابينا پاڪستان پوسٽ جي ليز پاليسي جي منظوري ??ني آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پهرين فيز ۾ 21 ملڪيتن کي ليز ڪيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا محترمه شازيه عدنان کي انٽيليڪچوئل پراپرٽي آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪرڻ جي منظوري ??ني آهي. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ڪراچي ۾ موجود وفاقي حڪومت جي 104 ايڪڙ زمين جي تڪرار جي حل جي حوالي سان پيش ڪيل تجويز جي پڻ منظوري ??ني. اها زمين 1980ع ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي 99 سال جي ليز تي ڏني وئي هئي پر پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وٽ اٽڪل 48 ايڪڙ زمين هئي جڏهن ته باقي زمين ٻين ادارن جن ۾ ڪي ڊي اي، آرمي اسٽيشن هيڊڪوارٽرز، نيشنل اسپورٽس ٽريننگ اينڊ ڪوچنگ سينٽر، آغا خان يونيورسٽي اسپتال وغيره شامل آهن، وٽ هئي. ان معاملي جي حل جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران لاڳاپيل وزارتن جي نمائندن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جن جي سفارشن جي روشني ۾ وفاقي ڪابينا ان زمين جي حوالي سان معاملن جي حل بابت تجويز جي منظوري ??ني. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي ۾ بطور چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مقرر ٿيندڙ سرڪاري آفيسرن جي مقرري جي شرطن ۽ ضابطن جي منظوري ??ني. ان ۾ انهن آفيسرن کي ملندڙ پگهار، مختلف مراعتون وغيره شامل هونديون آهن. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي ماسٽر پلان کي جلد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۽ ان اهم ڪم کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي ڪابينا ان حوالي سان قائم فيڊرل ڪميشن جي نمائندن ۾ تبديليون ڪرڻ جي منظوري ??ني. ان ڏس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ميجر جنرل (ر) فرخ جاويد هلال امتياز ملٽري ??ميشن جو چيئرپرسن هوندو جڏهن ته ميمبرن ۾ مراد جمالي (آرڪيٽيڪٽ)، سڪندر عجم (آرڪيٽيڪٽ/ پلانز)، وائيس چيئرمين پلاننگ پاڪستان ڪائونسل آف آرڪيٽيڪٽس اينڊ ٽائون پلانرز، سرڪاري يا نجي شعبي مان ڪو ماهر ۽ ڊي جي/ ڊپٽي ڊي جي پلاننگ سي ڊي اي شامل هوندا جڏهن ته ان ڪميشن مان نويد اسلم ۽ سلمان منصور جا نالا ختم ڪرڻ جي پڻ منظوري ??ني وئي آهي. ان سان گڏوگڏ وفاقي گادي واري شهر جي مختلف زونز ۾ ضابطن جي خلاف تعم??را?? جي حوالي سان فيصلو ڪرڻ جي حوالي سان ڪميٽي قائم ڪرڻ جي پڻ منظوري ??ني وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا اسلام آباد ٽيريٽري لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ ۽ يونين ڪائونسلز جي انگ جي تعين جي حوالي سان نوٽيفڪيشن جاري ??رڻ جي پڻ منظوري ??ني آهي. ڪابينا کي تجويز پيش ڪئي وئي هئي ته 2017ع آدمشماري موجب سراسري 20 هزار آبادي تي ٻڌل يونين ڪائونسل جي حساب سان يونين ڪائونسلن جي انگ جو تعين ڪيو وڃي. هن ٻڌايو ته ڪابينا م??را?? گل کي مئنيجنگ ڊائريڪٽر نيشنل ٽيلي ڪميونيڪشن ڪارپوريشن مقرر ڪرڻ جي منظوري ??ني آهي. ان کانسواءِ ڪمپيٽيشن اپليٽ ٽربيونل ۾ ٽيڪنيڪل ميمبرز جي مقرري جي ايجنڊا ملتوي ڪئي وئي آهي. هن ٻڌايو ته ڪورنگي فشنگ هاربر جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي جڳهه تي مقرري جي حوالي سان ڪابينا فيصلو ڪيو ته مستقبل ۾ ٿيندڙ مقررين ۾ ان ڳا??هه کي يقيني بڻايو وڃي ته لاڳاپيل شعبي ۾ تجربو رکندڙ نجي شعبي جا م??ڻه?? به ان عمل ۾ شريڪ ٿي سگهن ته جيئن بهترين افرادي قوت جي شموليت کي يقيني بڻائي سگهجي. هن ٻڌايو ته ڪابينا سامونڊي معامل?? واري وزارت جي اسپيشل سيڪريٽري نادر ممتاز کي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ چيئرمين جي اضافي چارج ڏيڻ جي پڻ منظوري ??ني. هن ٻڌايو ته ڪابينا نيشنل ڊيزاسٽر رسڪ مئنيجمينٽ جي بورڊ ميمبرن جي مقرري جي منظوري ??ني. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪابينا پاڪستان نيشنل ڪوالٽي پاليسي 2021ع جي منظوري ??ني آهي. ان پاليسي جو مقصد ان ڳا??هه کي يقيني بڻائڻ آهي ته پاڪستان ۾ ٺهندڙ درآمدات، برآمدات ۽ ملڪ ۾ استعمال ٿيندڙ سموريون شيون معياري ۽ طئي ٿيل اسٽينڊرڊز سان هڪ جهڙائي رکن ٿيون. هن چيو ته اها پاليسي انتهائي اهميت رکندڙ آهي، اسان وٽ واپار ۾ عالمي معيارن کي برقرار نه ٿو رکيو وڃي. هي پاليسي اسان جي صنعت لاءِ تمام اهم آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته اداراجاتي سڌارن بابت ڪابينا ڪميٽي جي 15 جولاءِ 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري ??ني وئي. انهن مان هڪ اهم فيصلو اهو آهي ته وارنٽ آف پريسيڊنٽس، پاڪستان فليگ، ڪورٽ آف آرمز، نيشنل ايمبلم، مونوگرام، سيل، اسٽينڊرڊ ٽائم ۽ عام موڪل جا مضمون گهرو وزارت کان ڪابينا ڊويزن منتقل ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 11 آگسٽ 2021ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ان اجلاس ۾ نيشنل ريمي ٽينس لائيلٽي پروگرام يعني ٻاهرئين ملڪن مان موڪليل مٽاسٽا جو ناڻو ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي ان حوالي سان مراعتون ڏيڻ جو پروگرام شامل آهي. هن ٻڌايو ته نجڪاري بابت ڪابينا ڪميٽي جي 10 آگسٽ 2021ع ۽ قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 6 آگسٽ 2021ع ۽ 12 آگسٽ 2021ع جي اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ منظوري ??ني وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا ليفٽيننٽ جنرل (ر) مزمل حسين کي ٻيهر واپڊا جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ??ني آهي. سندس ڪردار مثالي رهيو آهي، هن وقت 10 ڊيم ٺهي رهيا آهن، اميد آهي هو پنهنجو ڪم مڪمل ڪري وٺندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا تجويز ڪيل اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ايڪٽ جي مسودي جي منظوري ??يندي ان کي قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ??ني آهي. پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سينيٽ جي ڪميٽي تجويز ڏني هئي ته ميڊيا جا جيڪي ادارا پگهارون ادا نه ڪري رهيا آهن، انهن جا اشتهار روڪيا وڃن، ان وقت به (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي گڏجي ان کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ڪا شيءَ ميڊيا جي خلاف آهي ته ان بابت آگاهه ڪيو وڃي، اسان ان کي تبديل ڪري ??ڏينداسين. اڃا تائين ڪنهن هڪ اداري ??نهن هڪ تجويز بابت ناهي چيو ته فلاڻي شق ميڊيا جي آزادي جي خلاف آهي. رڳو اهو چوڻ ته اها ميڊيا جي آزادي جي خلاف آهي، مناسب نه آهي. هن چيو ته اڳ ۾ ان مسودي جو مطالعو ڪريو، شقوار جائزو وٺو، جيڪڏهن لڳي ٿو ته اهو ميڊيا جي خلاف آهي ته اسان ان کي بدلائي ڇڏينداسين. هن چيو ته ميڊيا جا ڪجهه م??ڻه?? دٻاءُ وجهي رهيا آهن ته اسان ميڊيا ورڪرز کي پگهارن جي عدم ادائيگي ۽ ٻين معاملن جي لاءِ ٽربيونل سان رجوع ڪرڻ جو حق نه ڏيون. هن چيو ته ميڊيا ورڪرز ڪمزور طبقو آهي، اهو پاڻ اسٽينڊ نه ٿو وٺي سگهي، ان لاءِ اسان کي بيهڻو آهي، اسان ان شق کي نه بدلائينداسين، ان کانسواءِ جيڪا تبديلي ڪرڻي آهي ان جي لاءِ اسان تيار آهيون. طالبان کي تسليم ڪرڻ جي حوالي سان سوال جي جواب م اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ترڪيءَ، چين سميت ٻين ملڪن سان مشاورت جي عمل ۾ آهيون، اسان اهڙو فيصلو ڪنداسين جنهن ۾ علائقائي ۽ عالمي ملڪن سان پوري مشاورت شامل هوندي. هن چيو ته گذريل ڏينهن قومي سلامتي ڪائونسل جي پڌرنامي ۾ افغانستان جي نئين حڪومت جي لاءِ اهو بنيادي شرط رکيو آهي ته افغانستان جي سرزمين پاڪستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال نه ٿيندي. طالبان حڪومت جي ترجمان سهيل شاهين گذريل ڏينهن پنهنجي انٽرويو ۾ به چيو آهي ته هو قطعي طور تي ان ڳا??هه جي اجازت نه ڏيندا ته ڪو به عنصر افغانستان جي سرزمين کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف استعمال ڪري. اي وي ايم جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته اي وي ايم تي قانونسازي کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، اسان مخالف ڌر کي اعتماد ۾ وٺڻ چاهيون ٿا، انهن سان ڳا??هه ٻولهه اڳتي وڌي رهي آهي، اسان جو مسئلو اهو آهي ته اسان ان کي ڊيگهه نه ٿا ڏئي سگهون، اسان ايندڙ اليڪشن اي وي ايم تي ڪرائڻ چاهيون ٿا تنهن ڪري ان سلسلي ۾ وز??را??ظم عمران خان ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي هدايت ڪئي آهي ته هو جلد کان جلد ان کي حتمي شڪل ڏي.