اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ موسمياتي تبديلي وا??ي وزارت جي قدمن کي ساراهيندي چيو آهي ته ٽين بلين ٽري سونامي پراجيڪٽ سان جتي ماحول بهتر ٿيندي اتي ماکي جُون مکيُون پالڻ جهڙن شعبن کي فروغ ڏيڻ ۾ به مدد ملندي، ماکي جي برآمدات وڌائڻ لاءِ معياري پيداوار، بهترين مارڪيٽنگ حڪمت عملي ۽ تصديقي عمل اختيار ڪرڻ ضروري آهي. هو ٽرين بلين ٽري سونامي پروگرام جي حوالي سان بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪر?? رهيو هو، وزيراعظم جو موسمياتي تبديلين وا??و خاص مددگار ملڪ امين اسلم ملڪ ۾ 10 ارب ٻوٽا لڳائڻ جي منصوبي جي باري ۾ بريفنگ ڏني، زرعي باراني يونيورسٽي جو وا??س چانسلر ۽ ٻيا لاڳاپيل سينئر عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. ملڪ امين اسلم اجلاس کي ماکي جُون مکيُون پالڻ جي شعبي ۾ ترقي، قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي ۽ نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، صدر موسيماتي تبديلي وا??ي وزايرت جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته ملڪ ۾ مگس باني جي شعبي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جي صلاحيت موجود آهي، ان شعبي کي مضبوط بڻائڻ ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي،