اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته (ن) ليگ جي ڪرائي جي ترجمانن کي عيد تي به موڪل نه ملي، اڄ به توهين ??دالت جا سرٽيفڪيٽ ورهائي رهيا آهن، توهين ??دالت جو لفظ توهان جي واتان سٺو نه ٿو لڳي، سپريم ڪورٽ تي حملو، پاناما فيصلي تي مون کي ??و ڪڍيو جي تحريڪ هلائي وئي، ججز ۽ انهن ج?? گهرڀاتين کي ڌمڪيون ڏنيون ويون، اهو چيو ويو ته ججز ۽ انهن ج?? گهرڀاتين ??ي زمين ??نگ ڪري ڇڏينداسين. مريم اورنگزيب جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ علاج جي لاءِ ضمانت ڏني هئي، اها ئي عدالت هاڻي طلب ڪري رهي آهي، ڇا عدالت جو حڪم نه مڃڻ توهين ??دالت نه آهي، نيب آزاد ادارو آهي، ان جو ڪم احتساب ڪرڻ آهي، نيب شه??از شريف جي خلاف 7 ارب جو ريفرنس داخل ڪيو، نيب شه??از شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو چيو، ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جون به سفارشون آهن، قانون موجب فيصلو ٿيندو. هن چيو ته 40 سالن کان شريف فيملي ڪرپشن، ڦر??ٽ، مني لانڊرنگ ۽ ٽي ٽيز جو سهارو وٺندي رهي، هاڻي اها کليل ڇوٽ ختم، ڦر??ل پئسي جو حساب ڏيڻو پوندو.