اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته ملڪ جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ نوجوان پار??يا??ينٽرين جو ڪردار اهم اهميت رکندڙ سمجهيو ويندو آهي ڇو ته ملڪي آبادي جو وڌيڪ حصو نوجوانن تي مشتمل آهي، نوجوان پنهنجون توانايون استعمال ۾ آڻي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ينگ پار??يا??ينٽري فورم (وائي پيف ايف)، پاڪستان انسٽيٽيوٽ فار پار??يا??اني سروسز (پيپس) ۽ پائيدار سماجي ترقي جي تنظيم (ايس ايس ڊي او) جي وچ ۾ پار??يا??ينٽ هائوس ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو ته ملڪ کي درپيش چئلينجن جي حل لاءِ نوجوانن جي شرڪت ضروري آهي، هن چيو ته پائيدار معاشي ۽ سماجي ترقي نوجوانن جي فعال شرڪت جو مطالبو ڪري ٿي، هن چيو ته پي آءِ پي ايس نوجوانن پار??يا??ينٽ ميمبرن جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ موثر پليٽ فارم مهيا ڪري سگهي ٿو ته جئين ايوان جي ڪارروائي دوران سندن شرڪت کي ??ڌيڪ معنيٰ خيز بڻائي سگهجي.