اسلام آباد – 14 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ گورننس ايڪشن ميٽرڪس جي حوالي سان اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي انتظامي معاملن جي ب??تر?? لاءِ کنيل قدمن کان تفصيلي آگاهه ڪيو ??يو. وزيراعظم کي ٻڌايو ??يو ته عوام جي رليف، شڪايتن جي داخلا کان وٺي حل، کليل ڪچهرين منعقد ڪرڻ، مال کاتي بابت مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل، ون ونڊو آپريشن جو قيام، سرڪاري آفيسن ۾ عوام جي سهولتڪاري ۽ مقامي سطح تي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدمن جو عملي طور تي ن??اذ ٿي چڪو آهي، وزيراعظم کي ٻڌايو ??يو ته پنجاب ۾ گورننس جي ب??تر?? کي يقيني بڻائڻ لاءِ وڏي پئماني تي قدمن تي عملدرآمد جو سلسلو شروع ڪيو ??يو آهي ان ۾ تيزي آندي پئي وڃي، وزيراعظم کي خيبرپختونخوا ۾ به شڪايتن جي وقت سر ازالي، ضم ٿيل ضلعن جي انتظاميه سان ڪوآرڊينيشن، روزمره جي استعمال جي شين جي قيمتن جي ڪڙي نگراني ۽ ان جي نتيجي ۾ صوبي ۾ اٽي جي قيمت ۾ واضح گهٽتائي جي باري ۾ آگاهه ڪيو ??يو.