اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ”راست“ نظام جاري ڪرڻ ڊيجيٽل پاڪستان طرف اهم قدم آهي، راست ??روگرام سان غربت جي خاتمي ۾ به مدد ملندي، بدقس??تي سان اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس گڏ ٿئي ٿو، رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو اچڻ سان ڊالر جي مقابلي ۾ رپيو مستحڪم ٿيو. پاڪستان جي پهرين فوري ڊيجيٽل ادائيگي جي نظام ”راست“ جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم راست ??ظام جاري ڪرڻ تي اسٽيٽ بئنڪ کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته راست ??ظام جاري ڪرڻ ڊيجيٽل پاڪستان طرف اهم قدم آهي، ان سان ادائيگين جي نظام کي محفوظ ۽ موثر بڻائي سگهبو. وزيراعظم چيو ته بدقس??تي سان اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان گهٽ ٽيڪس گڏ ٿئي ٿو، 22 ڪروڙ جي آبادي مان رڳو 20 لک ماڻهو ٽيڪس ڏين ٿا ۽ انهن مان به 70 سيڪڙو ٽيڪس رڳو 3 هزار ماڻهو ڏين ٿا، گهٽ روينيو جي ڪري اسان ملڪي تعمير ۽ ترقي تي وڌيڪ خرچ نه ٿا ڪري سگهون.