اسلام آباد – 31 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سياسي بدمعاشن کي ملڪ جي ??شخص کي بر?? طرح مجروح ڪرڻ جي ??جازت نه ڏني ويندي ۽ نه ئي ان حوالي سان ڪنهن نرمي جو مظاهرو ڪيو ويندو، هي اهي ماڻهو آهن جن سياست کي ذاتي مفادن جو محور بڻائي ڇڏيو آهي، هاڻي ذاتي مفادن بدران قومي مفادن تي سياست ٿيندي، پي ڊي ايم جي ليڊرن جو بيانيو ملڪ جي مفاد ۾ نه آهي، ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو ته نه رڳو ان کي شڪست ڏني پر ان جو ثبوت اڀي نندن جي ??ڪل ۾ پوري دنيا آڏو پيش ڪيو. پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن ڪنهن ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار ڪيو وڃي ٿو ته ان ملڪ جي معيشت، پرڏيهي لاڳاپن، پاليسي ۽ دفاع کي ڪمزور بڻايو وڃي ٿو ۽ عوام ۾ نااميدي پکيڙي وڃي ٿي، موجوده حڪومت جڏهن ذميواريون سنڀاليون ته ملڪي معيشت ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هئي. وزيراعظم عمران خان ٻاهرئين ملڪن ۾ پنهنجي ??اک ۽ دوست ملڪن جي ??عاون سان ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچائي ورتو، جيڪڏهن خدا نه ڪري اسان ڏيوالپڻو ٿي وڃون ها ته اسان جي ڪرنسي جي قدر ڪري پوي ها، وينزويلا وٽ تيل جي ??خيرن جو ڪاٿو سعودي عرب، ايران ۽ ڪئناڊا کان وڌيڪ آهي جڏهن ته ان جي ??اوجود ڪرنسي بي وقعت ٿيڻ سان اتي ماڻهو ٺيلهن تي پئسا کڻي خريداري ڪن ٿا، وزيراعظم عمران خان ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪيو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي 20 ارب ??ال?? کان گهٽ ڪري ان کي مثبت ڪيو ويو، قرضن جي نظام کي بهتر بڻايو ويو، معيشت جي ٻين رخن تي ڪم جاري آهي.