اسلام ??باد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان مل?? ۾ سياحتي ماڳن جي فروغ ۽ تعمير ۽ ترقي لاءِ حڪمت عملي ۽ منصوبابندي جي فوري آغاز جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مل?? ۾ مختلف قسم جي سياحت جي فروغ سان معاشي عمل ۾ تيزي ايندي ۽ مقامي آبادين جي لاءِ نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا به ميسر ايندا. ان حوالي سان سرڪاري مل??يتي عمارتن کي مثبت انداز ۾ استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ به کنيل قدمن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مل?? ۾ سياحت جي فروغ لاءِ کنيل قدمن جي حوالي سان اعليٰ سطحي جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ بحري معاملن واري وز??ر سيد ??لي حيدر زيدي، پنجاب جي وڏي وز??ر سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخوا جي وڏي وز??ر محمود خان، خاص مددگار ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، سيد ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي وڏي وز??ر جي صلاحڪار آصف محمود، صوبائي چيف سيڪريٽريز ۽ ٻين سينئ?? آفيسرن شرڪت ڪئي.