اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??سد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سو??ي گولڙه شريف جي سجاده نشين پير سيد شاهه عبدالحق گيلاني جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پنهنجي جدا جدا تعزيتي پيغامن ۾ گولڙه شريف جي سجاده نشين پير سيد شاهه عبدالحق گيلاني جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي ڏکويل خاندان س??ن دلي همدردي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پير سيد شاهه عبدالحق گيلاني جي ديني خدمتن ۽ عقيدتمندي کي سدائين ياد رکيو ويندو.