اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عظيم باڪسر محمد علي کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آه?? ته ان جو عقيدو مادي نظرين کان مٿانهون ٿي ان پڪي يقين تي ٻڌل هو ته جانور?? جي ڀيٽ ۾ انسان?? جي وجود جو هڪ اعليٰ مقصد آه??، سندس طاقت ۽ حوصلو اڄ به پوري دنيا جي ماڻهن لاءِ مشعل راهه آه??. سماجي رابط?? جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته آئون ان ڳالهه تي يقين رکان ٿو ته محمد علي هڪ عظيم رانديگر هو، نه رڳو ان لاءِ جو هو باصلاحيت، ذهين ۽ ب??همت انسان هو، پر ان لاءِ جو سندس عقيدو مادي نظرين کان مٿانهون ٿي ان پڪي يقين تي ٻڌل هو ته جانور?? جي ڀيٽ ۾ انسان?? جي وجود جو هڪ اعليٰ مقصد آه??. وزيراعظم چيو ته سمورين مشڪلاتن جو مقابلو ڪندي پنهنجي عقيدي تي پورو لهندي هن پنهنجي راند جي زندگي جي بهترين سالن ۽ منافعو ڏيندڙ آمدني جي قرباني ڏني. سندس طاقت ۽ همت اڄ به پوري دنيا جي ماڻهن لاءِ مشعل راهه آه??. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هڪ ريڊيو رڪارڊنگ پڻ شيئر ڪئي آه?? جنهن ۾ محمد علي جي پيشيواراڻي زندگي ۽ ٽي وي انٽرويوز دوران مختلف موقعن تي بيان ڪيل سندس زندگي جي مختلف رخن کي اجاگر ڪيو ويو آه??.